پي سي بي ايوارڊز 2021 جو اعلان، ڪير ڪير فاتح رهيو؟

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هلندڙ سال مختلف ڪيٽيگرين ۾ پي سي بي ايوارڊ کٽيندڙ ڪرڪيٽرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هلندڙ سال متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو ايوارڊ شاهين آفريدي کٽي ورتو، فاسٽ بالر کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف 31 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي اهو ايوارڊ ڏنو ويو.

ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ بابر اعظم ٻُهاري ورتو، جنهن 2021 ۾ 6 ون ڊي ميچون کيڏي 405 رنسون ٺاهيون.

اهڙي ريت ايمرجنگ پليئر آف 2021 جو ايوارڊ محمد وسيم جونيئر جي نالي رهيو، جڏهن ته حسن علي ٽيسٽ ڪرڪيٽر آف دي ايئر ۽ محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪيو.

محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر آف دي ايئر سان گڏوگڏ 2021 جي سڀ کان قيمتي رانديگر جو ايوارڊ به کٽيو، جڏهن ته وومين ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ ندا ڊار، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو ايوارڊ صاحبزادا فرحان، امپائر آف دي ايئر جو ايوارڊ آصف يعقوب جي نالي رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.