سام سنگ جي اُها ٽي وي جنهن کي اوهان هر جاءِ تي کڻي وڃي سگھو ٿا

سام سنگ جي ٽي وي ته سڄي دنيا ۾ مشهور آهي پر اها گھڻي وڏي هوندي آهي ۽ ان کي گڏ کڻي گھمڻ ممڪن نه آهي.

اهو ئي سبب آهي جو ڏکڻ ڪورين ڪمپني هڪ الٽرا پورٽ ايبل سمارٽ ٽي وي پروجيڪٽر دي فري اسٽائل متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ان جو وزن 900 گرام کان به گھٽ آهي جنهن سان گڏ 180 ڊگري جي هڪ اسٽينڊ ڏني وئي آهي ۽ فوٽيج کي ڀتين، اسڪرينز يا ڪنهن به اهڙي شيءِ تي ڏسي سگھجي ٿو جيڪا 30 کان 100 انچن جي هجي.

اهو پروجيڪٽر 1080p ريزولوشن جي وڊيو ڏيکاري ٿو جڏهن ته ان ۾ آٽو فوڪس ۽ آٽو ليولنگ خاصيتون به موجود آهن ته جيئن اهو پاڻمرادي طور تي ڪنهن به سطح جي تصوير کي الائن ڪري سگھي.

اهو ميوزڪ کي 360 ڊگري سائونڊ سان پلي ڪري سگھي ٿو ۽ سام سنگ جي سمارٽ ٽي وي پليٽ فارم تائين پهچي به ڏني وئي آهي جنهن تحت اوهان نيٽ فليڪس شوز يا فلمن کي ان پروجيڪٽر جي مدد سان اسٽريم ڪري سگھو ٿا.

فوٹو بشکریہ سام سنگ

ان جي قيمت 899 ڊالر ( 1 لک 58 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي ۽ اهو في الحال سام سنگ جي ويب سائيٽ تي پري آرڊر ۾ دستياب آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.