وزير اعظم عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي: پرويز خٽڪ

 

مانسهرا (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي.

مانسهرا ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته تحريڪ انصاف جو صوبائي صدر بڻائڻ تي عمران خان جو ٿورائتو آهيان، پنهنجي ذميوارين سان سدائين انصاف ڪيو آهي، پارٽي ۾ اتحاد قائم رکڻ پهرين ترجيح آهي، سياسي جدو جهد ۾ مسئلا ايندا رهندا آهن پر مسئلن کي حڪمت عملي سان حل ڪرڻو پوندو آهي.

هن چيو ته اسان سڀ ڪارڪن آهيون، اسان جو ليڊر عمران خان آهي، تنظيم سازي ۾ ڪارڪنن جي راءِ کي اهميت ڏني ويندي، مقامي سطح تي چونڊيل عوامي نمائندا ۽ ڪارڪن گڏيل مشورن سان فيصلا ڪن.

سندس چوڻ نيت صاف ۽ ارادا مضبوط هجن ته منزل آسان هوندي آهي، مهانگائي رڳو هتي نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي، وزير اعظم عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.