سنڌ حڪومت جو ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ ٽائون ٺاهڻ جو فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ ٽائونز ٺاهڻ جون سفارشون تيار ڪري ورتيون.

سنڌ حڪومت جي ذريعن موجب ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ 25 کان 27 ٽائونز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سينٽرل ضلعي ۾ 5 ٽائون، ڪياماڙي ۾ 3، اولهه ۾ 3 ۽ ملير ۾ به 3 ٽائون ٺاهيا ويندا، جڏهن ته ڪورنگي ۾ 4 ٽائون ۽ 37 يونين ڪميٽيون ٺاهڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ضلعي ڏکڻ ۾ 3 ۽ اوڀر ۾ 5 ٽائون ٺاهڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.