آسٽريليا عالمي نمبر هڪ ٽينس اسٽار جوڪووچ جي ويزا رد ڪري ڇڏي

 

ميلبرن (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ڪورونا قانون پورا نه ڪرڻ تي عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ جي ويزا رد ڪري ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽينس جي عالمي نمبر هڪ رانديگر نوواڪ جوڪووچ جي ويزا رد ڪئي وئي ۽ کيس ڊي پورٽ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

نوواڪ جوڪووچ آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ ميلبرن پهتو هو، ايئرپورٽ اختيارين سربيا سان واسطو رکندڙ ٽينس اسٽار کي ويڪسينيشن کان ڇوٽ ۽ غلط ويزا تي روڪي ورتو.

نوواڪ جوڪووچ کي ويڪسينيشن قانونن کان ڇوٽ بعد آسٽريلين اوپن کيڏڻي هئي پر هن جي ٽيم ويزا جي درخواست نه ڏني هئي، جيڪا ويڪسين نه لڳرائڻ تي طبي ڇوٽ جي اجازت ڏيندي آهي.

نوواڪ جوڪووچ کان ايئرپورٽ اختيارين 8 ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن کانپوءِ ان جي ويزا رد ڪئي وئي.

واضح رهي ته آسٽريلين اوپن ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن ۽ عملي لاءِ ويڪسينيشن لازمي آهي يا وري ڪنهن آزاد پئنل ذريعي ڇوٽ حاصل هجي.

هوڏانهن آسٽريلوي وزيراعظم اسڪاٽ موريسن جو چوڻ هو ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.