ذاتي گفتگو تي ڪنهن کي جوابده ناهيان، فون ٽيپ ڪندڙ معذرت ڪن: مريم نواز

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته غير قانوني فنڊنگ جي ڏوهه ۾ عمران خان فوري طور استعيفيٰ ڏئي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته اليڪشن ڪميشن رپورٽ ۾ تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ جي حوالي سان وڏا انڪشاف ٿيا آهن، اسٽيٽ بئنڪ موجب پي ٽي آءِ جا 26 اڪائونٽس هئا، 18 اڪائونٽ ايڪٽو هئا، پي ٽي آءِ رڳو 4 ڊڪليئر ڪيا، هنن کي آمريڪا، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڪئنيڊا مان فارن فنڊنگ ملي، جڏهن ته پاڪستان جي قانون موجب ڪنهن به پرڏيهي ڪمپني کان فنڊنگ نٿي وٺي سگهجي.

هن چيو ته عمران خان جو برينڊ کلي سڀني جي سامهون اچي چڪو آهي، هاڻي کيس ڀڄڻ جو موقعو نه ملندو، سندس برينڊ نالائقي، نااهلي، ڪرپشن، ڪوڙ، ڦرلٽ ۽ غير قانوني فنڊنگ آهي، تحريڪ انصاف جهڙتي ڏني ناهي پر ورتي وئي آهي، جيڪڏهن اوهان چور ناهيو ته پوءِ جهڙتي وٺڻ ڇو نٿا ڏيو؟ ڌمڪين ذريعي اليڪشن ڪميشن کي ڇو دٻائي رکيو، هنن ڄاڻي واڻي حقيقتن کي لڪايو، عمران خان پنهنجي پارٽي جو سربراهه هو، سڀ ڪجهه سندس مرضي سان ٿيو، هُن پنهنجا چار ملازمن جي نالن تي پيسا گهرايا ۽ ان جي اجازت عارف علوي ۽ عمران خان ڏني.

سندس چوڻ هو ته عمران خان پهريون ماڻهو آهي، جنهن رشوت کي ڊونيشن جو نالو ڏنو، هُن دبئي جي ڪرڪيٽ ڪمپني کان 2.1 ملين ڊالرز جي فنڊنگ ورتي، اڄ به بي آر ٽي جو احتساب نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو هو، هاڻي هُو آئين ۽ هن رپورٽ بابت ٻڌائي، پوري قوم تي هڪ چور ۽ ڪوڙي شخص کي مڙهڻ سان عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي، عوام  چاهي ٿو ته عمران خان جي رهڻ جي هاڻ ڪا به گنجائش ناهي، غير قانوني فنڊنگ جي ڏوهه ۾ عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو امتحان شروع ٿي چڪو آهي، هاڻي عدليا جو به امتحان آهي، جيڪا نواز شريف جي ڪيسن ۾ ڊوڙي ڊوڙي فيصلا ڪري رهي هئي، اسان جو اقامو ڪڍيو ويو، هاڻي ته پوري چوري جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته عدليا ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري، اليڪشن ڪميشن دٻاءَ کان انڪار ڪيو ۽ رپورٽ جاري ڪئي، هاڻي اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته تحريڪ انصاف جا سمورا اڪائونٽس عوام جي سامهون آڻي ۽ انهن کي قانون موجب سزا ڏئي ۽ عدالتن مان به اميد آهي ته وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ به انصاف ملي.

ليڪ  آڊيو جي معاملي تي ن ليگ نائب صدر چيو ته مون کي پنهنجي ذاتي گفتگو تي معذرت ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر فون ٽيپ ڪندڙن کي مون کان معذرت ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.