نيول فارمز ۽ نيول سيلنگ ڪلب خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ

 

اسلام آباد (ويب ڊسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڪيپيٽل ڊولپمنٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) اختيارين کي چيو ته جنهن بابت قانون ۾ اجازت نه هجي ته ڇا اوهان اُن کي به اين او سي جاري ڪري ڇڏيندا آهيو؟

عدالت سوال ڪيو ته ڇا زون فور ۾ 1993 ۾ اڏاوت  ٿي پئي سگهي؟ جنهن تي سي ڊي اي ٻڌايو ته اُن وقت اُتي فارم هائوسز جي اجازت هئي.

سي ڊي اي عدالت کي ٻڌايو ته نيوي سيلنگ ڪلب هيل تائين سيل آهي، بلڊنگ باءِ لاز 2020 تحت غير قانوني عمارت کي ڊاهي به سگهجي ٿو، ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي جي اين او سي رد ٿي وڃي ته اُن کي ٽيڪ اوور ڪيو ويندو آهي، اين او سي کانسواءِ ڪم ڪندڙ غير قانوني سوسائٽيز جون مئنيجمنٽ آفيسز به سيل ڪيون وينديون آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊائريڪٽر هائوسنگ نيول فارمز ڪير آهي؟ ڇا اوهان اُن جي آفيس به وڃي سيل ڪندا؟ راول ڍنڍ تي سمال ڊيمز جي ڪناري اڏاوت تي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هاءِ ڪورٽ ڪاروبار نٿي ڪري سگهي، اسان اپلاءِ ڪيون ته ڇا اين او سي جاري ڪندا؟ ڇا اوهان آئين ۽ قانون جي ماتحت ناهيو؟ اهڙي درخواست اچڻ تي اوهان جو پهريون اعتراض اهو هجڻ گهرجي ته درخواست غور هيٺ نٿي آڻي سگهجي.

عدالت نيول فارمز ۽ نيوي سيلنگ ڪلب خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.