جهانوي ڪپور جا ننڍا ڪپڙا ڏسي فڪرمند ٿيندي هيس: ڪترينا ڪيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ليجنڊ اداڪارا سري ديوي جي ڌيءَ جهانوي ڪپور جي لباس بابت ڳالهايو آهي.

ڀارتي ميڊيا تي ڪترينا جي جهانوي ڪپور جي لباس بابت ڏنل ماضي جي هڪ بيان کي رپورٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪترينا اداڪارا نيها ڌوپيا جي شو ۾ شرڪت دوران جهانوي جي لباس بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو.

شو دوران ڪترينا کان سوال ڪيو ويو ته ڪهڙيون اداڪارائون آهن جيڪي جم ۾ گھڻو ننڍو لباس پهرينديون آهن؟ ان تي ڪترنيا جهانوي ڪپور جي جم ۾ ننڍا ڪپڙا پائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

ڪترنيا جهانوي ۽ پنهنجي جم ۾ گذريل وقت بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته ان لباس کي اوور دي ٽاپ ته نه چئبو پر مون کي جهانوي جي گھڻن ننڍن ڪپڙن تي ڳڻتي ٿيندي هئي جيڪي اُها جم ۾ پهريندي هئي، آئون هن لاءِ سدائين فڪرمند ٿي ويندي هيس.

ڪترنيا جي بيان  تي جهانوي طرفان ڪنهن به قسم جي رد عمل جو ته اظهار نه ڪيو ويو پر جهانوي جي ڪزن سونم ڪپور انسٽا اسٽوري تي اداڪارا جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪندي کيس ساراهيو.

سونم ڪپور پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته جهانوي باقاعده لباس پهريندي آهي جيڪا هن تي ٺهندا به آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.