ماڻهو هاڻ مون کي پوڙهي چوڻ لڳا آهن: لارا دتا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي مس يونيورس ۽ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا لارا دتا پاڻ سميت ساٿي اداڪارائن جي وڌندڙ عمر تي تبصرو ڪندڙن جي حوالي سان ڳالهايو آهي.

تازو ئي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ لارا دتا چيو ته بالي ووڊ انڊسٽري منهنجي عمر جي اداڪارائن لاءِ بالڪل مهربان نه آهي.

هن چيو ته سچ پڇيو وڃي ته اداڪارا طور مون کي لڳندو آهي ته عمر مون کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، آئون ماڻهن جي اميد کان آزاد ٿي چڪي آهيان ڇو جو آئون اڳوڻي مس يونيورس رهي چڪي آهيان ان ڪري منهنجا مداح مون کان اميد رکندا هئا ته آئون فلمن گليمر آڻيان.

هن چيو ته آئون سمجهان ٿي ته 40 جو ڏهاڪو مون لاءِ بهترين آهي ڇو جو ڪردار هاڻ نڀائي رهي آهيان هن جو ڪو مقصد آهي ۽ اهو گهرائي سان واسطو رکي ٿو.

سندس چوڻ هو ته ماڻهو مون سميت راڻي، ماڌوري ۽ ڪاجل جهڙين قابل اداڪارائن بابت چوندا آهن ته اهي پوڙهيون لڳڻ لڳيون آهن. اسان لاءِ گھڻيون ٿلهيون ٿي ويون آهن جهڙا جملا استعمال ڪندا جيڪي غلط آهن، هر انسان جيان اداڪارائن جي به عمر وڌندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.