سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تيز برساتن جي اڳڪٿي، سيءُ اڃا وڌندو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو سلسلو بلوچستان ۽ ڀر وارن علائقن ۾ شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تيز برساتن جو سبب بڻجي رهيو آهي.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي تائين ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، سانگهڙ، بدين، ٺٽي، ميرپورخاص، ٽنڊي محمد خان، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ڄامشوري، دادو، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، شڪارپور، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اڄ کنوڻ سان گڏ هلڪي کان وچئين درجي جي برسات جو امڪان آهي،  جڏهن ته جمعي ڏينهن هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي، ان دوران شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 10 کان 12 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.