نامياري شخصيت ممتاز مرزا جي ياد ۾

تحرير؛طارق عزيز شيخ

سنڌ جو ناميارو اديب، ڊرامه رائيٽر، نثر نويس ۽ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪمپيئر ممتاز مرزا حيدرآباد ۾ ۲۹ نومبر ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي. ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ ”احسن ڪربلائي“ انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو، سندس واسطو مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف سميت ان دور جي مايه ناز عالمن اديبن سان هو، انهي ڪري ممتاز مرزا تي به علمي ادبي ماحول جو اثر ننڍپڻ کان ئي پيو. مرزا گل حسن بيگ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر هو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به والد سان گڏ ريڊيو تي وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جي ڄمار اڃا ۱۶ ورهيه هئي، اهو ئي زمانو هو جو سندس ڪمپيئر ٿيڻ وارو شوق جاڳيو. والد صاحب جي صحبت، علمي ادبي محفلون ۽ سرگرميون هن جي مٿان اثر انداز ٿينديون ويون.

ممتاز مرزا ريڊيو پاڪستان تي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۱۹۵۴ع کان ڪئي جيڪو ريڊيو جو ابتدائي دور هو. هو ريڊيو جي باني ڪارڪنن مان هو. مصطفيٰ قريشي، عبداللطيف ساقي، زرينا بلوچ ۽ مشتاق مغل به انهيءَ زماني کان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. انهيءَ زماني ۾ هن کي پنهنجي ڪم جو معاوضو ڏهه رپيا مليو هو. ان سان گڏوگڏ هن تعليم به جاري رکي ۽ سنڌي عالم فاضل جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ريڊيو تي رهڻ سبب هن ڊراما ۽ افسانا لکڻ شروع ڪيا، هيءُ جديد افساني جو ابتدائي دور هو. ڪيترائي ريڊيو ڊراما لکيائين، ڊرامن جي شهرت جي ڪري سندس ڊرامن جو مجموعو ”آخري رات“ پڻ شايع ٿيو. هيءُ ڊرامو اهو آهي جنهن کي ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ جو ايوارڊ، عالمي ڊرامن جي مقابلي ۾ ٻيو نمبر اچڻ تي مليو. هيءُ مجموعو بعد ۾ اي سنڌي جي سليبس ۽ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ مقرر ڪيو ويو. ممتاز مرزا چاليهه ڊراما تحرير ڪيا، افسانا جديد صنف آئي هئي، تنهن ڪري هن به بهترين افسانا لکيا. حميد سنڌي، علي بابا، امر جليل، آغا سليم، سراج ۽ نسيم کرل سان گڏ ممتاز مرزا به انهيءَ صف ۾ ڳڻيو ويو.هن پنجيتاليهه افسانا لکيا جن ۾ گهڻو ڪري تاريخي ۽ رومانوي هئا.

سنڌي ٻوليءَ وارو مسئلو پيدا ٿيو، تڏهن ٻولي واري تحريڪ ۾ به ممتاز مرزا اڳڀرو هو. هن ٻوليءَ واري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. مقبول ڀٽي ۽ شمشير الحيدري سان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ٻولي واري تحريڪ ۾ سرگرم رهيو جيستائين حڪومت گوڏا نه ٽيڪيا.

ممتاز مرزا، لوڪ ادب اسڪيم ۾ به جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس (جيڪا ماڊل اسڪول، گاڏي کاتي ۾ آهي) ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس قائم ڪئي  تڏهن لوڪ ادب، ٻولي ۽ تاريخ تي تحقيقي ڪم شروع ڪيائين. انهيءَ ڊگهي پروجيڪٽ ۾ ممتاز مرزا کي سندس ويجهي دوست محمد اسماعيل شيخ اهم ذميواريون ڏنيون. سنڌي ادبي بورڊ پاران ان ڏس ۾ چاليهه واليم شايع ڪيا ويا، هي سلسلو ڪيترن ورهين تائين هلندو رهيو.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي تن ڏينهن ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي انچارج واري ذميواري مليل هئي، جنهن سلسلي ۾ هو سنڌ جي مختلف تاريخي ماڳن مڪانن تي ويندو رهندو هو ۽ صوفي بزرگن جي ميلن جون محفلون منعقد ڪرائيندو هو. ممتاز مرزا انهن پروگرامن جي ميزباني ڪندو هو. ثقافتي محفلن سان سندس واسطو انهن ئي ڏينهن کان جڙيو، ڀٽ شاهه تي لطيف جي ميلي جي ادبي ڪانفرنسن کان وٺي محفل سماع تائين ممتاز مرزا پروگرامن جي ڪارروائي هلائيندو هو. هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏٺي ۽ انهن جي ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو.

۱۹۷۴ع ۾ ممتازمرزا ٽيليويزن سينٽر تي اسڪرپٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، هن اتي به محنت ڪئي ۽ ٽي وي جي سنڌي ڊرامن کي عروج تي آندائين. سنڌي ڊرامن جي ۲۵ منٽ وقت کي وڌائڻ واري ڪوشش ۾ اڳڀرو رهيو ۽ هڪ ڪلاڪ تائين سنڌي پروگرامن جو وقت مقرر ڪرايائين. سنڌي ڊرامن جي تاريخ ۾ ٽي وي تي جيڪي به مقبول ۽ ڪامياب ڊراما ٺهيا اهي ممتاز مرزا جي ڪري، هن مختلف ڊرامه رائيٽرن کي درستگيون ڪري چڪون ڪڍي ڏيکاريون ۽ ڊرامن جي ڪمزور پهلوئن کي ختم ڪري بهتر بڻايو. ڪيترن ئي نون ڪهاڻيڪارن کان ٽي وي ڊرامو لکرائي کين اڳتي آندائين. عبدالڪريم بلوچ جيڪو جنرل مئنيجر پي ٽي وي هو، ممتاز مرزا سان سنڌي پروگرامن بابت پاليسي بنائي انهن جو معيار بلند ڪيائين ۽ مختلف موضوعن تي پروگرام تيار ڪرايائين. عبدالڪريم بلوچ جو ممتاز مرزا سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان وٺي ساٿ هو. ممتاز مرزا ڊرامن کان علاوه سنڌي موسيقيءَ جا ڪيترائي پروگرام پڻ تيار ڪرايا. سڄي سنڌ جا گلوڪار ٽي وي تي متعارف ڪرايائين. پاڻ موسيقيءَ ۽ راڳ جو ماهر هو، ڄاڻو هو. هن ادبي پروگرام پڻ پي ٽي وي تي منظور ڪرايا، جيڪو سلسلو ڊگهي وقت تائين جاري رهيو. پاڻ ”پارکو“ جهڙو ذهني آزمائش جو پروگرام به ڪيائين. پي ٽي وي تي اڻ ڳڻيا پروگرام ادبي توڙي موسيقيءَ جا ميزبان طور ڪيائين.

پي ٽي وي کان پوءِ ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. اتي به کاتي جي بي انتها خدمت ڪيائين. ثقافت کاتي جي طرفان منعقد محفلن جو انچارج ته هو پر هاڻي مٿس سرڪاري طور فرض به بڻجي ويو هو، هن ثقافت کاتي ۾ اچڻ بعد ”گنج“ جهڙو عظيم ڪم ڪيو ”گنج“ کي اصل شڪل سان گڏ جديد صورتخطيءَ ۾ تيار ڪيائين، جيڪو تمام ڏکيو، ضخيم ۽ باريڪ ڪم هو. ثقافت کاتي جي تاريخ ۾ اهڙو ناياب ڪم اڳي ڪڏهن به نه ٿيو. ممتاز مرزا جي زماني ۾ ثقافت کاتي جا ڪتاب وڏي انگ ۾ معياري آيا. ثقافت کاتي پاران پرڏيهه ۾ سنڌي موسيقيءَ جون محفلون ڪرڻ پڻ ويو. حميد آخوند جو ساٿ هن سان ائين جڙيل رهيو جيئن جسم جو روح سان. اهو ئي سبب آهي جو ممتاز مرزا جي ياد ۾ حميد آخوند، ثقافت کاتي پاران ڪراچي ۾ ”ممتاز مرزا اسٽوڊيو“ ۽ حيدرآباد ۾ ”ممتاز مرزا آڊيٽوريم“ منصوب ڪيا. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان ساٿ ڊگهي عرصي تائين رهيو. ممتاز مرزا جي زندگي حميد آخوند جي ذڪر کان سواءِ بي معنيٰ آهي.

ممتاز مرزا هونئن ته ڪيئي ڊراما، افسانا، مضمون ۽ مقالا لکيا پر ڪتاب ٽي لکيائين. پهريون ”وساريان نه وسرن“ جيڪو انهن فنڪارن ۽ موسيقارن بابت لکيو هئائين جيڪي سنڌ جا امر آواز سنڌي ساز سرود جو بنياد بڻيا. ٻيو ڪتاب ”سپيريان سندي ڳالهڙي“ جيڪو نامياري راڳي محمد يوسف تي پنهنجين ساروڻين سان لکيو اٿس. هي ڪتاب ۱۹۹۲ع ۾ شايع ٿيو. ٽيون ڪتاب ”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ سندس لاڏاڻي کان پوءِ ۱۹۹۸ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران شايع ٿيو جيڪو سنڌ جي مشهور ڳائڻي علڻ فقير بابت لکيل آهي پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي اهم واقعا ۽ تجربا به ڏيکاريا اٿس جڏهن ته ناميارن عالمن ۽ اديبن بابت پڻ هن ڪتاب ۾ احوال آيل آهي. متاز مرزا جي زندگيءَ بابت مختلف ليکڪن جي تحريرن، سندس علمي پورهئي جي احوال ۽ سوانحي خاڪن تي ٻڌل ڪتاب ”سهڻو پاڻ سڏائي ويا“ سنڌ جي نامياري شاعر، ڪمپيئر ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا مرتب ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه عرصو اڳي روشني پبليڪيشن پاران پڌرو ٿيو آهي. نصير مرزا هن ڪتاب جي جوڙ جڪ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي آهي، جيڪا ساراهه جوڳي آهي.

ممتاز مرزا ڊگهي عرصي کان پوءِ ۱۹۹۶ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پنهنجي اباڻي گهر مستقل طور اچي ويو هو پر ڏهاڪو کن ڏينهن گذارڻ بعد ۶ جنوري ۱۹۹۷ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا واري تاريخي قبرستان ۾ آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.