6 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحرير؛فقير محمدسنڌي

¨   6 جنوري 1883ع تي لبناني ۽ آمريڪي شاعر، مصور ۽ فلسفي خليل جبران جو جنم ڏينهن آهي.

¨  6جنوري 1918ع تي جرمني رياضي دان ۽ فلسفي جورج ڪنٽور جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 6 جنوري 1935ع تي هيرو شيوڪاڻي ضلعي ٺٽي جي شهر چوهڙ جمالي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نقاد اٿس.

¨  • 6 جنوري 1934ع تي نقاد ۽ محقق ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي خانواهڻ ضلعو نوشهرو فيروز ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ ساهتي جا قديم علمي مرڪز.

¨ 6جنوري 1944ع تي آمريڪي اداڪاره ۽ گلوڪاره بوني فرينڪلن جو جنم ڏينهن آهي.

¨ • 6 جنوري 1950ع تي نالي وارو شاعر راهي چنا اصل نالو محمد پريل ولد محمد ڇٽل چنا جوهي تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو.

¨ 6جنوري 1959ع تي ڀارتي ڪرڪيٽر، ڪپيل ديوي جو جنم ڏينهن آهي.

¨ 6جنوري 1967ع تي ڪمپوزر، گلوڪار ۽ گيت نگار اي آر رحمان جنم ورتو.

¨  6جنوري 1990ع تي روسي ماهر طبيعيات، پاول چينڪوف جو وڇوڙو ٿيو.

¨  6جنوري 1997ع تي مهان ڪمپيئر موسيقيءَ جو پارکو ۽ اديب ممتاز مرزا سڀ محفلون ۽ ميڙاڪا ڇڏي هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

¨  6جنوري 2004ع تي پاڪستان ۽ ڀارت، مسئلي ڪشمير تي نئين سر ڳالهين لاءِ راضي ڏيکاريو.

¨ 6جنوري 2010ع تي دنيا جي وڏي عمارت برج دبئي( برج خليفه) جو افتتاح ٿيو.

¨ 6جنوري 2013ع تي پاڪستاني مذهبي سياستدان قاضي حسين احمد جو وڇوڙو ٿيو.

¨  6جنوري 2016ع تي ڏکڻ ڪوريا چوٿين جوهري تجربي ۾ هائڊروجن بم جي ڪامياب تجربي جي دعوي ڪئي.

¨  6جنوري 2017ع تي ڀارتي اداڪار اوم پري جو وڇوڙو ٿيو.

¨  6جنوري 2018ع تي تنقيد نگار ۽ شاعر پروفيسر عفاف صادق جو وڇوڙو ٿيو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.