پ پ پ جي جيالي ورڪر ڊاڪٽر بشير جمالي جون خدمتون

تحرير؛مير ذوالفقار چانڊيو

پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا نظرياتي ورڪر جيڪي پنهنجو سڀ ڪجھه پنهنجي جمھوري پارٽي کي سمجھن ٿا جن جو مرڻ جيئڻ ھميشه وفاداري شھيدن جي پارٽي سان ھجي ٿي اھڙن نظرياتي قرباني ڏيندڙ جيالن مان تعلقه سڪرنڊ جو نظرياتي پارٽيءَ لاءِ قربانيون ڏيندڙ جيالو بشير احمد جمالي پنھنجي ھڪ الڳ حيثيت سڃاڻپ رکي ٿو بشير احمد جمالي جو خانداني سياسي واسطو پ پ پ سان ھجڻ ڪري پاڻ به ننڍپڻ کان پ پ پ جا ديوانا بڻجي ويا. سال 1990  ۾ ھاءِ اسڪول کان پ پ پ جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪئي جنھن کان پوءِ 1992 ۾ سچل ڪاليج ۾ پ پ پ جي ذيلي ونگ تنظيم سپاف جي عھديدار جي حيثيت ۾ پارٽي اندر سرگرميون شروع ڪرڻ لڳو جنهن ۾ مسلسل ڪاميابين کان پوءِ سياست اندر پنھنجو ھڪ الڳ مقام ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

ھي اھو دور ھو جڏھن ملڪ اندر مشرف جي مارشل لا ھئي جتي شاگردي تنظيمن جي چرپر تي ڪڙي نظر ھوندي ھئي ته اھي پنھنجي سياسي سرگرمين کي محدود رکن پر ھي سچل ڪاليج جو ارڏو شاگرد ڀٽو ازم سان وفا جو وچن نڀائيندي شاگردي واري زماني ۾ پ پ پ مٿان جان قربان ڪرڻ جو ازم رکندي پ پ پ سان ساٿ نڀائيندو رهيو ان دوران پارٽي مٿس اعتماد ڪندي 2002 جي بلدياتي اليڪشن ۾ اميدوار طور سامهون آندو صرف اميدوار نه ميڊم فريال ٽالپر مٿس اعتماد ڪندي اليڪشن مھم ھلائڻ لاءِ کيس پنهنجي ذاتي ڪار ڏني جنهن سان بشير احمد جمالي پنھنجي اليڪشن مھم زبردست طريقي سان ھلائي ڀرپور طريقي سان ڪاميابي حاصل ڪئي اليڪشن ۾ ٽوٽل 14 پولنگن مان 13 پولنگن تي بشير احمد جمالي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏيون جنهن کان پوءِ پاڻ يوسي ڪرم جمالي جو ناظم چونڊجي ويو مشرف جي سرڪار واري مشڪل حالتن ۾ جڏهن چڱن ڀلن سياسي ماڻهن لاءِ سياست ڪرڻ مشڪل ھئي انھن حالتن ۾ ھن ارڏي نوجوان سياست اندر پنھنجو پاڻ ملھائي ڏيکاريو.

ان دوران سنڌ اندر ارباب رحيم جي ڪاري دور ۽ سندن حامين طرفان بشير جمالي کي جھڪائڻ پ پ پ خلاف باغي ٿيڻ لاءِ انتقامي ڪارروايون ڪندي کيس جيلن ۾ قيد ڪرايو سندن ڪجھه ايڪڙن تي قبضو ڪري واٽر ڪورس بند ڪرايا ويا سندن مٽن مائٽن رشتيدارن کي ٿرپارڪر گھوٽڪي جيڪب آباد بدلي ڪري ڌمڪايو ڊيڄاريو ويو ارباب رحيم سرڪار ۽ سندن ساٿين ھن بھادر جيالي کي جھڪائڻ لاءِ ھر هربو استعمال ڪيو پر ھي بھادر جوان پ پ پ مٿان سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ھو پر ڪنهن ڊڪٽيٽر اڳيان جھڪائڻ پسند نه ڪيو جڏهن مشرف جي ساٿين جا ھر هربا ناڪام ويا ته ان وقت ملڪ جي وزيراعظم مير ظفر الله خان جمالي کي ميدان تي لاٿو ويو ته اھو نواب شاھ جي ضلعي ناظمه فريال ٽالپر خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪري کيس گھر ڀيڙو ڪري ان مشڪل حالتن ۾ پ پ پ جا ڪافي بلدياتي ميمبر مشرف اڳيان جھڪي پيا پر ھي ارڏو جوان انھن حالتن ۾ پارٽي سان ثابت قدم رهيو پارٽيءَ مٿان ھر مشڪل وقت ۾ پنھنجي وفاداري نڀائيندو رهيو.

2013 جي عام اليڪشن ۾ پ پ پ سڪرنڊ اندر خراب ڪارڪردگيءَ ھجڻ ڪري اعلي قيادت ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي ته ھي ڇا ٿي رهيو آهي جو پ پ پ پنھنجي اباڻي شھر سڪرنڊ اندر 21 پولنگن مان صرف ٻن پولنگن تي ڪاميابي ماڻي سگھي باقي مخالف ميدان ماري ويا ته ان ڏکين حالتن ۾ پارٽي جي اعليٰ قيادت بشير احمد جمالي جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ ميڊم فريال ٽالپر سڪرنڊ شهر لاءِ پنھنجو فوڪل پرسن مقرر ڪري کيس سڪرنڊ اندر پارٽي کي ٻيھر بحال ڪرڻ لاءِ تيار ڪري موڪليو جنهن ڏينهن رات ھڪ ڪري پارٽي جي ڪمن ڪارن توڙي نظرياتي ورڪرن سان ميل ميلاپ ڪري پارٽيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳو جنهن کان اعليٰ قيادت متاثر ٿيندي کيس 2014 ۾ پ پ پ تعلقه سڪرنڊ جو نائب صدر مقرر ڪيو جنهن جو اھو نتيجو نڪتو ته 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ پ سڪرنڊ شهر اندر ڪلين سوئيپ ڪري مخالفن جون ضمانتون ضبط ڪرائي ڇڏيون مخالفن کي ھڪ وارڊ ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي جنهن محنت جو حقيقي ڪريڊٽ ھن جوڌي جوان بشير احمد جمالي جي اڻٿڪ جدوجهد ڏانھن وڃي ٿو مسلسل پارٽيءَ لاءِ محنت ڪندي اعلي قيادت جو اعتماد حاصل ڪندي نيٺ 2017 ۾ پارٽيءَ جي اعتماد سان کيس پ پ پ تعلقه سڪرنڊ جو صدر مقرر ڪري اعليٰ قيادت ورڪرن جون دليون کٽي ورتيون هيون ڇو ته بشير جمالي جو تعلق مڊل ڪلاس ورڪر لڏي سان ھجڻ ڪري پاڻ اڪثر وقت ورڪرن جي ڪمن ڪارن خوشيين غمين ۾ شرڪت سان گڏ ڀائيوار رابطي ۾ رھي ٿو.

بشير جمالي صاحب ۾ اھا خوبي آھي جيئن ھو پاڻ ورڪر آھي انجي ڪري ورڪرن جي مسئلن بابت کيس سڀ ڄاڻ اٿس کيس سڀ خبر اٿس ته اڄڪلھه پ پ پ جي جيالن سان ڇا ٿي رھيو آھي ان کي سڀ خبر آھي ته تعلقه سڪرنڊ ۾ اڄ ڪيترائي اھڙا ماڻھون پڻ آھن جن کي ورڪرن مٿان ترجيح مليل آھي ان کي سڀ ڄاڻ آھي ته پرچي تي آيل ڪجھه عھديدار پراڻن جيالن سان ڪھڙو ورتاءَ ٿا ڪن ان کي سڀ خبر آھي ته پوري ضلعي جا ماڻھو آفيسر جيالن سان ڪھڙو رويو اختيار ٿا ڪن ان جيالي صدر کي اڄ ھر ورڪر سلام ٿو ڪري ڇو ته جيالن سان نواب شاھ ضلع ۾ ڪو به مسئلو ٿيندو آھي ته ھي جيالو صدر پ پ پ ضلعي نواب شاھ ۾ سڀ کان اڳ ان جيالي ورڪر جو مسئلو حل ڪرائيندو آهي يان پنھنجي وس آهر ڪوشش ڪري ورڪرن کي تڪليفن مشڪلاتن کان بچائيندو آهي سندس جي پارٽيءَ لاءِ تمام گھڻين خدمتن قربانين وفاداريءَ ھجڻ باوجود ھلندڙ ھفتي پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو طرفان رات جي اونداھيءَ ۾ اوچتو صرف پ پ پ تعلقي سڪرنڊ جي باڊي کي ٽوڙي کيس صدر جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي جنهن فيصلي تي پ پ پ جي نظرياتي ورڪرن جيالن ۾ مايوسي پيدا ٿي وئي آهي ھڪ نظرياتي ورڪر وفادار شخص سان رات جي اونداھيءَ ۾ ڇا ٿي ويو پر ڇا ڪجي عھدا پارٽيءَ جون امانتون ھونديون آھن جيڪي اڄ ھڪ شخص وٽ آھن ته سڀاڻي ٻئي ڪنهن کي ملي سگھن ٿا پر تعلقي سڪرنڊ جا نظرياتي ورڪر قرباني ڏيندڙ جيالا پنهنجي اعليٰ قيادت کان مطالبو ٿا ڪن ته ھڪ دفعو وري تعلقي سڪرنڊ جي صدارت لاءِ بشير احمد جمالي کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن ورڪرن مان بيچيني ۽ مايوسي جو خاتمو اچي سگهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.