کاٻي ڌر کي چلي ۾ سوشلسٽ اڳواڻ جي ڪاميابي مبارڪ هجي

لاطيني آمريڪا جي ملڪ چلي ۾ 35 سالن جو کاٻي ڌر جو شاگرد اڳواڻ وڏي اڪثريت سان ملڪ جو صدر چونڊيو آهي جنهن کانپوءِ رپورٽون موجب سڄي دنيا جي کاٻي ڌر کي هڪ نئون اتساهه مليو آهي ترڪي جي اپوزيشن چلي ۾ گيبريئل بورڪ جي حڪمت عملي کي پنهنجي لاءِ هڪ مثال قرار ڏنو آهي. ايئن بي بي سي موجب چلي ۾ سوشلسٽ صدر جي مقرريءَ کانپوءِ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي نوجوانن ۾ به اتساهيندڙ بحث مباحثا شروع ٿي ويا آهن ته ڇا پاڪستان ۾ گيبريئل بوڪ جهڙا اڳواڻ اڀري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن نه ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. يا ٿي سگهن ٿا.

اسان جو خيال آهي ته  انساني برابري وارو، استحصال کان پاڪ معاشرو هر دور جي ضرورت رهيو آهي. غيرطبقاتي نظام ۾ ئي انسانذات جو ڀلو آهي. انهيءَ ڳالهه تي اصولي طور تي ٻه رايا نٿا ٿي سگهن پر افسوس ته هڪڙن سرمائيداراڻن، جاگيرداراڻن، اقتداري مفادن ڪري انسانذات کي خوابن جهڙو سوشلسٽ نظام نه ملي سگهيو آهي پر جن ملڪن جي نصيب ۾ اهو نظام آيو آهي سي برابر خوشنصيب آهن ۽ اڃا به ايئن چئجي ته اهڙي نظام ۾ جنم وٺڻ، سجايو جنم وٺڻ آهي.

هونئن ته هر دور ۾ انسان جيئڻ جي بنيادي حقن لاءِ سوچيو آهي، لوچيو آهي، پتوڙيو آهي، آواز اٿاريو آهي ۽ ان عيوض ڀوڳيو آهي ۽ اڄ به ساڳي شدت سان ڀوڳي رهيو آهي. انساني ۽ سماجي برابري واري نظام جي حوالي سان سڀ کان بهترين نظريو ڪارل مارڪس ڏنو ۽ ان اهو به ٻڌايو هو ته سرمائيداراڻي نظام جو اوج ئي ڪميونزم جي راهه هموار ڪندو. يعني سرمائيداراڻي نظام جو آخر نتيجو ان مان بيزاري بڻبو جيڪو فطري ردعمل هوندو. حقيقت ۾ ڏسجي ته موجوده صورتحال واقعي به ان صورتحال جهڙي آهي جنهن جي اڳڪٿي ٿيل آهي. ڪا به تبديلي زور زبردستي ۽ ڏاڍائي سان ناهي ايندي پر حالتن پٽاندڙ ايندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر دور جي سوچيندڙ، حساس ذهنن کي آڳاٽي وقت کان اهڙو امڪان نظر اچي پيو. جن پنهنجن نظرين ادب، شاعري ۽ موسيقي ۾ انجي اپٽار پئي ڪئي. ڪن انقلابي تنظيمون ٺاهيون ۽ انهن تنظيمن جي پليٽ فارم تان ان نظام لاءِ جدوجهد پئي ڪئي ۽ بي سمجهه عوام کي سياسي ۽ انقلابي شعور ڏيڻ جي پئي ڪوشش ڪئي جيڪا اڄ تائين جاري آهي.

ڀٽائي صاحب جو اهو شعر ته ۽ اچو سورن واريون ڪريون سور پچار ۽ شاهه عنايت جو اهو نعرو لڳائڻ ته ”جيڪو کيڙي سو کائي“ سنڌ اندر سوشلسٽ نظام جا بنياد هيا. اهي بنياد يقينن ڌرتي جي مٿاڇري تي هر دور ۾ موجود رهيا آهن، تاريخ کي پڙهبو ته ڪارل مارڪس کان اڳ به سوشلسٽ نظام لاءِ سوچيو ويو ۽ ڏاڍن هر دور ۾ ان سوچ کي پئي چٿيو پر اها سوچ پوءِ به ختم نه ٿي ۽ زنده آهي. ڇاڪاڻ ته اها سوچ حق ۽ سچ آهي جيستائين انسانذات قائم اهي تيستائين ان جي جياپي جا عظيم نظريا به زنده رهندا، وڌندا ويجهندا ايندا آهن ۽ اهو سلسلو چلي ۾ 35 سالن جي کاٻي ڌر جي شاگرد اڳواڻ تائين پهتو آهي جيڪو چلي جو صدر بڻيو آهي.

پر پوءِ به اها حقيقت مڃڻي پوندي ته هن دنيا اندر اقليت اڪثريت تي غالب آهي، طاقت هر دور ۾ ڪمزورن تي حاوي رهي آهي. هٿيارن جي طاقت، سرمائي جي طاقت، بادشاهتن، آمريتن، جاگيردارن، انسانن کي آزادي سان ساهه کڻڻ نه ڏنو آهي. سو جيڪي ماڻهو ساهه به آزادي سان نه کڻي سگهندا هجن سي سياسي ۽ سماجي نظرين کي ماڻڻ لاءِ ڪيڏن اڻانگن پيچرن تان گذرندا هوندا. تن جو ڀلي ڀت اندازو ڪري سگهجي ٿو.

هتي هر دور ۾ ڏاڍ جو راڄ رهيو آهي ۽ ان ڏاڍ خلاف ماڻهو رڳو مزاحمت ئي ڪري سگهيو آهي جيڪا هو ازل کان ڪندو آيو آهي ۽ جنهن ڏاڍ آڏو ڪڏهن به هٿيار ڦٽا ناهن ڪيا ۽ نه ئي ڪندو. جيئن هر دور ۾ ڏاڍ جو اوج رهيو آهي تيئن هر دور ۾ مزاحمت به ٿي آهي. ان مزاحمتي تاريخ جا ڪردار ۽ هيروز هر دور ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن ثابت قدم ٿي تاريخ ۾ پاڻکي سرخرو ڪري ڏيکاريو آهي. اها به حقيقت  آهي ته پنهنجي لاءِ جيئڻ عام رويو آهي پر جيڪي ماڻهو پاڻ سان گڏ ٻين لاءِ سوچين ٿا ۽ انهن جي حقن لاءِ جان ڏيڻ کان به ناهن مڙندا، شهيد ٿي ويند آهن سي ئي تاريخ ۾ زنده رهند آهن ۽ اتساهه جو سبب بڻجندا آيا آهن.

هتي هر دور ۾ عوام کي گمراهه ڪيو ويو آهي، ۽ گمراهه ڪرڻ جون ڪوششون اڄ تائين هلي رهيون آهن، جيڪي ماڻهو گمراهه آهن پنهنجي ذات لاءِ سوچين ٿا، پنهنجن سرمائيدارن،جاگيردارن، سامراجي ۽ اقتداري مفادن لاءِ سوچين ٿا سي عام ماڻهو آهن، جن کي ڪا اهميت ناهي، اهي ڪنهن ريت به غير معمولي ناهن ۽ جيڪڏهن اهڙا ماڻهو بادشاهتن ۽ حڪومتن ۾ آهن ته سمجهڻ گهرجي ته دنيا اندر غير معمولي نه پر معمولي نظام هلي رهيو آهي ۽ اڪثريت طور تي دنيا اندر معمولي نظام رائج آهي غير معمولي نه. جتي سڀني ماڻهن کي جيئڻ جا بنيادي حق ناهن مليل، هڪ امير آبادي آهي ته ٻي غريب ترين. دنيا اندر هڪڙا ماڻهو امير تر کان امير تر ٿيندا ٿا وڃن ۽ غريب ماڻهو وري غريب تر ئي ٿي رهيا آهن. دنيا جي اڪثريتي آبادي بنيادي حقن کان محروم آهي ۽ اقليت کي سڀ حق مليل آهن. پوءِ اهڙو نظام آخر ڪيستائين جٽاءُ ڪندو، نيٺ ته استحصال جي ديوار کي ڪرڻو آهي ۽ اها غير محسوساتي انداز ۾ آهستي آهستي ڪري ۽ ڀري ئي رهي آهي.

اسان ان تاريخي پسمنظر کي ڏسندي ڪنهن ريت به نه مايوس آهيون ۽ نه ئي مايوس ٿيڻ جو درس ڏينداسين. اسان سائنسي ۽ حقيقت جي بنيادن تي مجموعي جائزو ورتو آهي ۽ اهو مجموعي جائزو ٻڌائي ٿو ته آخري فتح حق ۽ سچ جي ٿيڻي آهي جيڪا اڻٽر آهي. هڪ اهڙو وقت جلد ايندو جڏهن چلي جي 35 سالن جي شاگرد اڳواڻ گيبرئيل بورڪ وانگر انقلابي نظريي سان سلهاڙيل نوجوان جي اڪثريت ٿيندي ۽ اها ڪثريت دنيا تي راڄ ڪندي، ان اتساهه جي دنيا جي کاٻي ڌر کي مبارڪ هجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.