مهانگائي سرڪار وري آءِ ايم ايف جي ڦيري ۾….

تحرير؛رياض ابڙو 

ناڻي جون پاليسيون ۽ عوام جا مفاد هڪڙيون ٻه الڳ الڳ شيون آهن جيڪي هن سرڪار جي اچڻ سان گڏ گڏ هلنديون پيون اچن، معني نه هنن جي پاليسي عوام جي مفاد ۾ آ نه عوام جو مفاد هنن جي پاليسي ۾ آ، ان ڪري جو آءِ ايم ايف جي مهانگائيءَ واري آڻ مڃي ۽ آءِ ايم ايف جي چڪر ۾ اچي هنن کان عوام جا درد وسري ٿا وڃن، يا جن دردن کي سمجھڻ ۽ سمجهائڻ جو وقت ان مهل هيو جڏهن هي اڃان سرڪار ۾ نه هيا ان ڪري ته ان مهل هي جي اهڙين مهانگائي جي پاليسين جي ڳالھه ڪن هان يا نه ڪن هان ته ڳالھه ٺهي پئي پر هنن جي ان مهل جي نعري ۾ ڪا به مثبت ڳالھه نه هئي جنهن مان ان مهل يا هاڻي جي صورتحال ڀيٽجي سگهجي يا سمجهي سگهجي ته هي پهرين غلط هيا يا هاڻي ڪوڙ ٿا هڻن، يا هي اهڙيون پاليسيون هلائي يا مڃي پاڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙو ٿا هڻن.

اهڙي سياست جي عيوض هي پنهنجا سياسي پيرا هاڻي وڃائي ويٺا آهن ۽ هي سمجهن ٿا ته هي به ڪا سرڪاري يا پرائيويٽ (آءِ ايم ايف) جي نوڪري ٿا ڪن جو هي ڪري، مڃي ۽ مڃائي سڀاڻي رٽاير ٿي هليا ويندا ۽ عوام جي مٿان ٻي جيڪا به مصيبت (سرڪار) ايندي اهي پاڻ نبري کائيندا، پوءِ هي ته پنهنجي رياستي نوڪري پوري ڪري هليا ويندا پوءِ ”سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان“ پر هيءَ ته سياست آ، هن ۾ جيڪي به ڪم ڪجن ٿا هن ۾ جيڪي به پاليسيون آڻجن ٿيون اهي عوام کان نه ٿيون وسرن. اهي عوام ۾ اهڙين وقتي سياستدان جون پاڙون پختيون ڪنديون آهن.

هتي هڪڙي ڳالھه چئي سگهجي ٿي ته ڀٽو صاحب پنهنجي پاليسين ۽ سچائي جي ڪري يا پنهنجي بهترين ليگسيءَ جي ڪري پنهنجي پارٽي مضبوط ڪري ويو، نه ته ان کان پهرين هن جي حصي ۾ جاگيرداري هئي نه ڪي ڪا سياست، ان ڪري سوشلسٽ نعري پٺيان جنهن ۾ هي ”اٽو، لٽو، اجهو“ جو نعرو ڏئي ماڻهن کي جهومائي ويو، ۽ ٽين دنيا جي ماڻهن جي دل وٽان ڳالھه ڪري ويو، جڏهن هي پاڻ جاگيردار هيو پر سڀ ڪم اهي ڪري ويو جيڪي هاري مزدرون، هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي ڪم آيا (ان ليگسيءَ کي ان جي پويان آيل سياستدان ڪيترو نڀائي سگهيا اهو هڪ الڳ بحث آ) پر ڳالھه ته وڃي پاليسين جي بيٺي ان دور ۾ ڏسجي ته سياست ايتري آسان به نه هئي نه ئي ماڻهن ۾ سياسي شعور به هيو پر ملڪ ته مشڪل ۽ نازڪ ترين حالتن مان پئي گذريو جو بنگلاديش جو نعرو ته ڪيترن ئي نعرن کي جنم ڏئي پئي سگهيو پر سياسي بصيرت ۽ عوام دوست پاليسين جي ڪري اهي سياستدان عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويا جن جي پوکي اڃان تائين انهن جا پويان پيا کائن ۽ کائيندا رهندا.

پي ٽي آءِ جي پاليسين ته عوا ۾ عجيب ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏيو آ جو هي ته لڀندا ئي نه پر ملڪ وري اهڙي نازڪ صورتحال مان گذرندو جو وڃي ٿين خير، پر هنن سياسي اٻوجهن کي افغان پاليسيءَ جو ڍونگ ئي سمجهھ ۾ نه ٿو اچي جو اهي سمجهن ٿا ته انسان رڳو افغاني آهن پر هتان جو عوام ته ٽڪو لهي، جو انهن جي مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائڻا هجن، ان ڪري ته عوام به هنن گمراھ سياستدانن وانگي ڪنهن نئين پاڪستان جي نشي ۾ گھُت لڳو پيو آ، نه هنن پي ٽي آءِ وارن کي خبر ٿي پئي ته سڀاڻي اهو ئي نڪ کڻي عوام وٽ ووٽ جي لاءِ وڃڻو آ ۽ سڀاڻي هتي ئي سياست ڪرڻي اٿن، پر هنن کي ته سڀاڻي جي سياست ڪرڻي ئي ناهي ان ڪري ته جيڪي هنن جي ٽولي ۾ آهن اهي سڀ موسمي سياستدان آهن جيڪي اهڙي نوڪري سڀاڻي ڪنهن ٻئي وٽ چاليھه چور بڻجي وري ڪري سگهن ٿا، اهي ته بازار جا سودا آهن جن جي کپجڻ ۾ وڪڻجڻ ۾ دير ئي نه لڳندي ۽ هي مٿيان سياستدان رفُو چڪر ٿي ويندا، مري ته عوام ويندو جو اچڻ واري سرڪار وٽ اهو وڏو بهانو هوندو ته ”اسان ڇا ڪيون اڳين سرڪار ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي هلي وئي آ ان ڪري اسان کي به پورا پنج سال لڳندا“.

عمران خان ته 2018 وارين چونڊن ۾ عجيب تماشو وجهي ڇڏيو هيو جو هر ماڻهو رڳو ان ڳالھه ۾ هيو ته هن ويچاري کي به وارو ڏيو جو هن وٽ ارسطوئن ۽ افلاطونن جي ڊَلِ ويٺي آ، ان ڪري جتي سڀني طبع آزمائي ڪئي آ اتي هن کي به آزمايو، پوءِ هاڻي ڇا ڪجي ان ڪري ته ”پنهنجي وڍيءَ جو ڊڀ نه دارون“ ان ڪري هي آءِ ايم ايف جي آڏو گوڏا کوڙي لٿل آهن ان ڪري جيئن آءِ ايم ايف چوندي ويندي تيئن هي ڪندا ويندا، جو هنن جو ته نشو پيتل آ،

هنن کي ڪا ڳالھه عوام جي سمجهھ ۾ نه ٿي اچي ته هي جيڪي فيصلا ڪن ٿا ان ۾ عوام جو ڪيترو ساھ ٿو وڃي، جو بجيٽ جو ٻڌي ماڻهن جو ساھ مٺ ۾ ٿي ويو آ، ته هيل الائي جي ڪهڙي شامت ايندي جو هر دفعي هي نئين ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڳالھه ڪري عوام جي دردن جو درمان ناهن ٿيندا پر عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيندا آهن ته ڀل عوام نئين پاڪستان جا مزا وٺي، جو عوام کي ڪنهن چيو هيو ته اهڙن ٺلهن جي آسري لڳن جن جو سياسي قد ڪاٺ پنهنجي جاءِ تي سندن جو مستقبل ۽ سياسي پاڙون عوام ۾ ناهن جو سڀاڻي ايندڙ حڪومت کي هي ”ايلين“ معني ٻئي سياري يا آسماني مخلوق يا جن ڀوت سمجهندا جيڪي نظر ئي نه ايندا، پوءِ هي عوام ڪنهن کي چوندو ته هي سڀ ڪير ڪري هليو ويو، يا ايندڙ سرڪار گند ميڙي ميڙي ٿڪجي پوندي پر هنن جي ڪنهن به پاليسيءَ جو ڪو توڙ نه ملندن، ان ڪري ته ناڻي ۾ ڪا شيءِ نه هوندي، ادارا سڀ گروي رکي ويندا، پوءِ بچو ڇا؟ ان ڪري ته ايتري وڏي تعداد ۾ مخالفت جي باوجود هي هاڻي ان لائق وڃي بيٺا آهن ته مخالف ڌر وارا واقعي ئي سندرا ٻڌي بيهن ته هاڻي هنن جا سڀ اسٽروڪ ڪم ڪندا.

جڏهن آءِ ايم ايف جي اهڙين بيڪار فرمائشن ۽ ٽيڪس جي هروڀرو دائرن کي مڃي هر دفعي سرڪار عوام جي کل لاهيندي ته مخالف ڌر وارا پنهنجي سياست چمڪائيندا پر هن ڀيري هنن پي ڊي ايم وارن جي سياست رنگ لائيندي جو هنن جيڪي رنڊڪون ان اهڙي بجيٽ جنهن کي هي ”مِني بجيٽ“ ٿا چون وڌيون آهن ته پوءِ حڪومت کي گوڏا کوڙائيندا ڇو ته پاڻ آءِ ايم ايف وٽ گوڏا کوڙيون پيا آهن، ان ڪري هن پي ٽي آءِ سرڪار ايندڙ هفتي سينيٽ ۾ بل پيش ڪرڻ جو سوچي ورتو آ، پر تيستائين پيش ۽ پاس نه ڪرائيندا جيستائين اهي آءِ ايم ايف جي ٽيم سان هڪ هڪاڻي ۽ فائينل ميٽنگ نه ڪندا، ان ۾ وري اها به ڳوٽ اٽڪيل آ ته جي هي بجيٽ پاس ڪرائي ويا ته هنن جي سياست وڃي زمين تي ڪرندي يا ڌوڙ ٿي ويندي ڇو ته ايتري مهانگائي کڻي عوام برداشت ڪري به پر هنن پي ٽي آءِ وارن کي قطعن برداشت نه ڪندا جو هنن ته پهرين ناڪاميءَ جي قسط ڪي پي ۾ ڏٺي ۽ وري ٻي قسط پنجاب ۾ ڏسندا، ڇو ته مهانگائي سرڪار هاڻي ڀلي آءِ ايم ايف جي وڪڙ ۾ اچي پر عوام کي چريو نه ڪري سگهندي.

وري اهو به آهي ته سرڪار جي بجيٽ پاس نه ڪرائي سگهي ۽ آءِ ايم ايف کان مهلت وٺي ڪم ٽپائي ويا ته هنن جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ هلندي، ڇو ته بجيٽ پاس نه ڪرائڻ مان اها به مراد هوندي ته هي ڪمزور آهن ۽ ڪا به ڳالھه پوري نه ٿي ٿيئن ڇو ته هنن جا پهريان وارا نخرا کڻي عوام برداشت به ڪري ويو پر هاڻي عوام، مخالف ڌر ۽ هنن جا پنهنجا وزير ڪَکُ نه سهندا، ان ڪري پاڻي نڪ کان چڙهي ويو آ، هن دفعي هنن ته حد ٽپائي ڇڏي آ، گذريل بجيٽ ۾ شهباز شريف کڻي زبردست تقرير ڪري عوام کي خوش به ڪيو هيو جو ايوان ۾ ڪير اهڙو مخالف ڌر وارو هيو جيڪو هنن تي تنقيد به ڪري سگهيو پئي، پر وري اندر ئي اندر ملي جلي هي پي ٽي آءِ وارا ڪم ڪڍي ويا، جو هنن جا پنهنجا وزير به اڀا لڳا پيا هيا.

هاڻي جي صورتحال وري ٻي آ، ان ڪري هن دفعي جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن جنهن مان نڪرڻ مشڪل هوندن، ڇو ته فارين فنڊنگ، ڊسڪا اليڪشن ۽ هاڻي بجيٽ جا ور وڪڙ هنن کي ڦاسائي وجھندا، ۽ هي عوام کي ڦاسائي نه سگهندا، يا بجيٽ پاس نه ڪرائي سگهڻ مان اها به مراد آهي ته هي ڪجھه نه ٿا ڪري سگهن ۽ ڪمزور هجڻ جي ڪري مخالف ڌر وارا ۽ هنن جا پنهنجي پارٽيءَ وارا جن گذريل 29 جون تي به بجيٽ جي خلاف خاموش ڌرڻو هنيو هيو ته هي جون واري بيجٽ تي صحيون نه ڪندا ان ڪري انهن جي آزي مڃڻ کانپوءِ اهي مس مس وڃي راضي ٿيا هيا سو هاڻي وري اهڙي صورتحال هنن پاڻ ئي جوڙي آ جو مهانگائي سرڪار وري آءِ ايم ايف جي چڪرن ۾ آ، ان ڪري پي ڊي ايم اهو فيصلو ڪري ته هو ايوان ۾ سياست ڪندا، روڊن تي ڪندا يا ڪنٽينرن تي بيهي ڪندا، پر جيڪا سياست عوام کي لاڀ نه ٿي ڏئي سگهي ان سياست جو ڪو فائدو ناهي، ان ڪري پي ڊي ايم هاڻي سندرا ٻڌي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.