پي ٽي آءِ اسڪروٽني جي آجيان، ن ليگ ۽ پ پ جي فنڊنگ تي جاچ جي اوسيئڙي ۾ آهيان: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جيان(ن) ليگ ۽ پ پ جي پرڏيهي فنڊنگ تي به اليڪشن ڪميشن جي جاچ جو منظر آهيان، وزيراعظم عمران خان ٽوئٽ ڪندي چيو ته مان اليڪشن ڪميشن طرفان سمنڊ پار پاڪستانين جي تحريڪ انصاف کي ڪيل فنڊنگ جي جانچ پڙتال جي آجيان ڪريان ٿو، اسان جي اڪائونٽن جي جيتري جانچ ڪئي ويندي قوم جي لاءِ اوترين ئي حقيقتن جي وضاحت سامهون ايندي، وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جو بنياد مناسب سياسي فنڊ ريزنگ تي ٻڌل آهي، مان مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي فنڊنگ تي اليڪشن ڪميشن جي اهڙي طرح جي جانچ پڙتال جي اوسيئڙي ۾ آهيان جنهن جي نتيجي ۾ قوم کي سياسي فنڊنگ ۽ سرمائيدارن جي مفادن ۽ احسانن جي بدلي پئسن جي ڀته خوري وچ ۾ فرق ڏسڻ لاءِ ملندو. ٻي طرف وزيراعظم عمران خان بڪله ڊي آءِ خان موٽر وي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته گذريل دور ۾ روڊ ملڪ جي مستقبل لاءِ نه پر پئسن جي لاءِ ٺاهيا ويا آهن. اسان 2013 جي مقابلي ۾ ٻيڻا روڊ ٺاهيا ۽ اهي به اڌ قيمت تي. ان جو مطلب آهي ته ڪنهن جي به کيسي ۾ پئسا ناهن ويا، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ڊگهين پاليسين سان بڻجندا آهن. ماضي ۾ ڪجهه ماڻهن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ پاليسيون ٺاهيون ويون جنهن سبب ڪيترائي علائقا پوئتي رهجي ويا. ڊگهي پلاننگ نه ٿيڻ سبب ٿورا ئي علائقا ترقي ڪندا آهن. هن چيو ته واضح ٿي ويو ته ماضي ۾ روڊ پئسا ڪمائڻ لاءِ تعمير ڪيا ويندا هئا. ڪرپشن ختم ڪرڻ سان اين ايڇ اي جي آمدني ٻيڻي ٿي وئي آهي.هن چيو ته صحت ڪارڊ صرف هيلٿ ڪارڊ نه پر پورو هيلٿ سسٽم آهي، ماڻهن وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو ته پرائيويٽ اسپتالون بڻجنديون، مارچ تائين پنجاب جي هر خاندان وٽ 10 لک جي هيلٿ انشورنس هوندي. هن چيو ته مديني جي رياست دنيا جي تاريخي جو سڀني کان وڌيڪ ڪامياب ماڊل هو، مديني جي رياست ۾ ايليٽ ڪلاس کي نه عوام کي مٿي کنيو ويو، مديني جي رياست ۾ ميرٽ ۽ انصاف کي اوليت ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.