بلوچستان ۾ هزارين ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل، ٻيڙيون هلايون ويون، گوادر آفت سٽيل قرار

ڪوئيٽا/حب (نمائندن وٽان) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه به وقفي وقفي سان برساتن جو سلسلو جاري رهيو، گوادر، پسني ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، گهرن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري هنڌ بسترن سميت سمورو سامان پاڻي ۾ ٻڏل آهي، سيءُ سبب رهواسي انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، گوارد شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻيڙيون هلايون ويون آهن، جڏهن ته حق ڏيو تحريڪ جا ڪارڪن به پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، جيڪي عورتن ۽ ٻارن کي ٻيڙين ذريعي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي رهيا آهن، ڪارڪنن گذريل رات دير سان ايڪسپريس وي تي ڌرڻو هڻي ٽن ڪلاڪن تائين ايڪسپريس وي بند ڪري ڇڏيو، بعد ۾ ڪمشنر گوادر پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو، ڌرڻي کان پوءِ نيوي جي اهلڪارن پهچي امدادي سرگرميون شروع ڪيون. برساتن سبب گوادر ۾ بجلي بند آهي، هوڏانهن پاڪ فوج جا جوان به امدادي ڪمن ۾ سول انتظاميا جي مدد ڪري رهيا آهن. ٻي طرف بلوچستان جي وڏي وزير گوادر کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيو ويو آهي ته برساتن سبب سوين گهر ڪري ويا آهن، ماڻهن جي ملڪيتن کي وڏو نقصان رسيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.