ڀارتي پنجاب ۾ هارين مودي کي روڪي ڇڏيو، جلسي بنا واپس

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي رياست پنجاب ۾ وزير اعظم نريندر مودي جي قافلي کي آبادگارن رستي ۾ روڪي ڇڏيو. ڀارتي وزير اعظم کي فيروزپور شهر ۾ ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح ۽ ريلي کي خطاب ڪرڻو هو، نريندر مودي جي قافلي جي رستي ۾ ڀٽينڊا جي فلائي اوور تي آبادگارن احتجاج ڪيو ۽ روڊ کي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙ آبادگار اتر پرديش ۾ هارين جي قتل تي جونيئر وزير اجي مشرا جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا هئا. آبادگارن جي احتجاج سبب وزير اعظم مودي 20 منٽن تائين ڀٽينڊا شهر جي فلائي اوور تي ڦاٿل رهيو ۽ بعد ۾ واپس هليو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب ايئرپورٽ تي نريندر مودي پنجاب جي وڏي وزير کي پيغام اماڻيندي چيو ته وڏي وزير جو ٿورائتو آهيان جو آئون ايئرپورٽ تي جيئرو موٽي آيو آهيان. ڪانگريس سان واسطو رکندڙ پنجاب جي وڏي وزير چرنجيت سنگهه دعويٰ ڪئي ته مودي جي ريلي لاءِ 70 هزار ڪرسيون لڳايون ويون هيون پر ماڻهو رڳو 700 موجود هئا، شايد ان ڪري واپس هليو ويو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.