شهدادڪوٽ ۾ ڪراچي گڏ هلڻ کان انڪار تي مڙس هٿان زال قتل

شھدادڪوٽ (رپورٽ:ثمر رفيق ڀٽي) شهدادڪوٽ ۾ زال پاران مڙس سان گڏ ڪراچي ھلڻ کان انڪار ڪرڻ تي بي رحم مڙس پسٽل جا فائر ڪري پنھنجي زال 4 ٻارن جي ماءُ کي قتل ڪري 2 معصوم ٻار به پاڻ سان گڏ کڻيفرار ٿي ويو آهي,شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نيو ڪمبوه پاڙي ۾ برڪت سيواڻي نالي ھمراھ پنهنجي نوجوان زال 4 ٻارن جي ماءُ شبانا ميرجت کي ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد پنهنجي ٻن معصوم ٻارن مهڪ ۽ ريحان کي کڻي فرار ٿي ويو آهي،ھوڏانھن واقعي جي اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال کڻائي آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.,ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود مقتول عورت جي ڀائرن اسلم ۽ مجاھد ميرجت صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ شبانا نيو ڪمبوھ محلي ۾ رھندي ھئي رات جو دير سان ڀيڻيوي برڪت سيواڻي فون ڪري ٻڌايو ته شبانا کي مون قتل ڪيو آهي ،پوليس کيس گرفتار ڪري ٻارن کي بازياب ڪرائي اسان جي ڀيڻ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي, هوڏانهن پوليس مقتول عورت جي ڀاء مجاھد ميرجت جي فرياد تي واقعي جو ڪيس عورت جي مڙس برڪت سيواڻي  مٿان داخل ڪيو آهي جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.