ام رباب ڪيس، جوابدارن جي ضمانتن بابت ٻڌڻي 14 جنوري تائين ملتوي

دادو(ڊر) ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين والد مختيار احمد چانڊيو،ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي. ام رباب جي وڪيل صلاح الدين پنهور سردار احمد ، برهان خان ۽ علي گوهر چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا. وڪيلن  استدعا ڪئي ته 14 جنوري تي وڪيل ضمانت واري درخواست تي دليل مڪمل ڪيا ويندا جنهن بعد ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 14 جنوري تي مقرر ڪري ڇڏي. ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان سان انصاف ڪندي. هن چيو ته منهنجي پيءَ، ڏاڏي ۽ چاچي کي سردار چانڊيو وارن بيگناھ قتل ڪرايو آهي. ٻئي پاسي سردار چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جو واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، اسان بيگناھ آهيون. 03

  • لڳي ٿو بلاول جعلي اڪائونٽس بابت رپورٽ وساري ڇڏي:حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پ پ چيئرمين بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پرڏيهي فنڊنگ بابت بلاول زرداري جو بيان عجيب آهي، لڳي ٿو ته بلاول زرداري جعلي اڪائونٽس جي جي آءِ ٽي رپورٽ کي وساري ڇڏيو آهي فنڊنگ جي ٽيڪنيڪل معاملي تي بيان ڏيڻ کان اڳ بلاول زرداري اسڪروٽني رپورٽ مڪمل پڙهي وٺي.  بلاول زرداريءَ جي والد، پڦي صاحبه ۽ پ پ جي ٻين اڳواڻن جنهن انداز ۾ ملڪ کي ٻڻهي هٿن سان لٽيو آهي ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. ٿر جي آر او پلانٽس مان ڪرپشن جي پئسا مان بلاول زرداري جي ناشتي ۽ ماني جا بل ڏنا ويا. سنڌ جي عوام جو پئسو رڪشا وارن پاپڙ وارن سميت ٻين جي جعلي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائي مني لانڊرنگ ڪئي ويئي بلاول زرداري پنهنجي معصوميت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي بلاول زرداري سنڌ ۾ 14 سال جي ٿيل ڪرپشن جو عوام کي جواب ڏي.

  • سينڊيڪٽ چونڊون نه ڪرائڻ تي دائود انجنيئر نگ يونيورسٽي انتظاميا کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ 9 سالن کان دائود انجنيئر نگ يونيورسٽي ۾ سينيٽ سينڊيڪٽ جون چونڊون نه ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت جنوري جي ٻئي هفتي ۾ دائود يونيورسٽي جي وي سي، گورننگ بادي ۽ سليڪشن بورڊ سميت يونيورسٽي انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.