جماعت اسلامي جو ڌرڻو، سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪيل مڪاني ترميمي بل خلاف احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ ۾ وڌائي ڇڏيو، جمعي ۽ آچر تي ڪراچي کان ڪشمورتائين احتجاجي مظاهرن، ڌرڻن ۽ احتجاجي ڪئمپون لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته سڀاڻي 7 جنوري تي امير جماعت اسلامي سراج الحق ڪراچي پهچي ڌرڻي کي خطاب ڪندو. اهڙو اعلان جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي قباء آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل سنڌ جي اعلي سطحي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کان پوء سنڌ اسيمبلي ٻاهران لڳل احتجاجي ڌرڻي کي خطاب دوران ڪيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جماعت اسلامي جي تحريڪ سنڌ جي سمورن مظلومن ۽ محڪومن جي تحريڪ آهي.ان ڪري اها سنڌ توڙي عوام جي مسئلن جي حل ۽ حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت  ان موقعي تي حافظ نعيم چيو ته هو سنڌي مهاجر جي ڳالهه نه ٿو ڪري، لساني نفرت پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي مبارڪ هجي. سعيد غني ۽ ٻيا غلط بياني نه ڪن .  هن کان اڳ ۾ ڌرڻي کي جماعت اسلامي سنڌ جي اڳواڻن عبدالحفيظ بجاراڻي، علامه حزب الله جکرو، ڪاشف سعيد شيخ، سيد نظام الدين شاه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.