پروين رحمان قتل ڪيس جي فيصلي خلاف اپيلون منظور

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي پروين رحمان قتل ڪيس جي جوابدارن عمران سواتي ۽ رحيم سواتي جي خصوصي عدالت جي فيصلي خلاف اپيلون منظور ڪيون ۽ پوليس کي پيپرز جي تياري ڪري اچڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، خصوصي عدالت رحيم سواتي، امجد حسين ۽ احمد عرف پيو ڪشميري کي ٻه ڀيرا عمر قيد ۽ عمران سواتي کي 7سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، عمران سواتي جي 7سال مڪمل ٿي ويا آهن، جسٽس اقبال ڪلهوڙي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته جيل عملدارن کي ضابطا ڪارروائي ڪري مڪمل ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.