چين مان 50هزارن ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ جي درآمد جي منظوري

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) ڪابينا جي اقتصادي رابطاڪميٽي چين مان حڪومتي سطح تي 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ جي آمدني واپار ۽ آمدني واپار جي گاڏين ۽ ٻين شين تي ٽيرف پاليسي بورڊ جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اي سي سي فيصلو ڪيو ته آٽو جي شعبي بابت ڪجهه سفارشن جو 6 مهينن بعد جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ذريعي چين مان يوريا جي آمدني واپار بابت سمري پيش ڪئي وئي، اي سي سي تفصيلي بحث کانپوءِ پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوائلٽي ڪنٽرول اٿارٽي مان ڪليئرنس ملڻ بعد چين مان حڪومتي سطح تي 50 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا جي فوري آمدني واپار جي اجازت ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.