طالبان پاران نمائشي مجسمن جا ڌڙ سسي کان ڌار ڪرڻ جو حڪم

ڪابل(م ڊ) افغان طالبان افغانستان جي واپارين کي حڪم ڏنو آهي ته هو پنهنجي دڪانن تي رکيل مجسمن جا ڌڙ سسي کان ڌار ڪري ڇڏين، جنهن کانپوءِ هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ دڪانن تي رکيل مجسمن جون سسيون ڪٽيون ويون آهن، ان حوالي سان اخلاقيات بابت وزارت ج هڪ عملدار جو چوڻ آهي ته نمائشي مجسمن جي ڪري اسلامي شرعي قانون جي نفي ٿيندي آهي، انڪري اهڙن مجسمن جا سر ڪٽي ڇڏيو، هن چيو ته جيڪڏهن دڪاندار ائين نه ڪندو يا اهڙن مجسمن کي مڪمل ڍڪي ڇڏيندو ته فرشتا سندس دڪان يا گهر ۾ داخل نه ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.