پير آباد ۾ ٽن ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ پيش، رمانڊ تي جيل حوالي

ڪراچي (رپورٽر) پير آباد ۾ فائرنگ ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ۽ ٻن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پوليس گرفتار جوابدارن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت عدالتي رمانڊ تي جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، ڪيس ۾ هڪ جوابدار سعيد روپوش آهي، جڏهن ته ٻه زخمي جوابدار اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل آهن.

  • ڀارتي فوجين هٿان 3 ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران ضلعي پلوامه ۾ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوجين نوجوانن کي ضلعي جي علائقي چندگام ۾ تلاشي ۽ گهيراءُ جي هڪ ڪارروائي دوران شهيد ڪيو. آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ فوجي ڪارروائي جاري هئي

  • ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ گهر کي باهه، 7 ڀاتي سڙي فوت

ٽوبه ٽيڪ سنگهه(م ڊ) پير محل جي ڏوراهين ڳوٺ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي محمد حسين نالي شخص جي گهر ۾ باهه لڳي وئي، گهر جي هڪ ڪمري ۾ 10 ماڻهو موجود هئا جن مان 7 موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، فوت ٿي ويلن ۾ سڪينه بي بي، مافيه بي بي، عذرا، وحيد، حمزه وحيد، آمنه وحيد، افشان وحيد ۽ رشيد شامل آهن، جڏهن ته 3 زخمين محمد حسين ۽ وحيد کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ۽ تعزيت ڪئي، هن چيو ته باهه ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي دلي صدمو پهتو آهي، فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي جي باري ۾ انتظاميه کان رپورٽ طلب ڪندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

  • مالي سال جي پهرين ڇماهي ۾ واپاري خسارو 25 ارب ڊالرن کان وڌي ويو

اسلام آباد( م ڊ) هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇماهي ۾ واپاري خسارو 25 ارب ڊالرن کان وڌي ويو. شمارياتي اداري موجب مالي سال جي پهرين ڇماهي ۾ برآمد 15 ارب 10 ڪروڙ ۽ در آمد 40 ارب 58 ڪروڙ رهي . جڏهن ته گذريل سال  برآمد 2 ارب 74 ڪروڙ ڊالر رهي ۽ 7 ارب ڊالر در آمد ٿي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.