ڪراچي ۾ معصوم ٻارڙو بدفعلي بعد ڦاهو ڏئي قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي 6 نمبر ۾ گم ٿيل 5 ورهين جي ٻارڙي جو لاش مليو، فوتي عبدالرحمان جي مامي جو چوڻ آهي ته عبدالرحمان گذريل ڏينهن گم ٿي ويو هو جنهن کي ڦاهو ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس قتل ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي ته بدفعلي ٿي آهي يا نه؟ پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.