فيس بڪ تي آفيسر بدنام ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي سزا

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) فيس بڪ تي جعلي پيج ٺاهي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ جي آفيسرن جي اعتراض جوڳي وڊيوز ۽ تصويرون فيسبڪ تي اپلوڊ ڪرڻ ۽ آفيسرن خلاف نازيبا ۽ اعتراض جوڳا لفظ استعمال ڪرڻ خلاف مهراڻ يونيورسٽي جي عملدار اشفاق جي مدعيت ۾ جوابدار اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاشف درس خلاف ايف آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو، جوابدار ڪاشف درس نگهت حما نالي فيس بڪ تي جعلي پيج به ٺاهي رکيا هئا، ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم جي عملدارن پاران جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت جوابدار ڪاشف درس کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ساڍا ٽي سال قيد ۽ هڪ لک سٺ هزار روپيه ڏنڊ هڻڻ جو حڪم جاري ڪيو،جڏهن ته عدالت جوابدار ڪاشف درس کي عزتدار پيشي تعلق هجڻ سبب سزا ۾ رعايت ڪئي، عدالت جوابدار ڪاشف درس جي ضمانت رد ڪندي کيس ملير جيل موڪلي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.