ڪراچي ۾ اومي ڪرون جا ڪيس 940 سيڪڙو وڌيا: اسد عمر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) رٿابندي ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اومي ڪرون دنيا جي مختلف علائقن ۾ تيزي سان پکڙجڻ لڳو، پاڪستان ۾ به اومي ڪرون جي پکيڙ جاري آهي، ڏکڻ آفريقا مان اومي ڪرون جي پکيڙ شروع ٿي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي وزير چيو ته عوام رش وارن هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪري. ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته  قومي شناختي ڪارڊ رکندڙ هر شهري صحت ڪارڊ لاءِ اهل آهي،پاڪستان ۾ اومي ڪرون جا 350 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن ۽ ملڪ ۾ اومي ڪرون جا ڪيس وڌي رهيا آهن. وڏي ڄمار جي ماڻهن کي ويڪسين لڳڻ جو فائدو وڌيڪ هوندو آهي. بزرگ ماڻهن ۽ عورتون ويڪسين لڳرائڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.