ڪارونجهر ڪٽائي ڪيس جي اڄ ننگر جي عدالت ۾ اهم ٻڌڻي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي بابت ننگرپارڪر جي جُڊيشنل مئجسٽريٽ سيد ڪرم علي شاھ جي عدالت پاران جبل جي ڪٽائي بند ڪرڻ جاري ڪيل حُڪمن بعد رُٿيل اهم ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي،مقامي عدالت پاران ڪوهنور،ايف ڊبليو،قدوس راڄڙ ڪمپنين جي عملدارن سميت منرل ۽ مائينس کاتي جا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيندا،عدالت پاران جبل جي ڪٽائي بابت جاري ٿيل ليزن سميت اهم رڪارڊ پُڻ طلبي رکيو آهي،هوڏانهن ٻي پاسي ڊائريڪٽر جنرل منرل ۽ مائينز عمرفاروق بلو ننگرپارڪر پهچي جبل جي ڪٽائي واري هنڌ ڳوٺ چڻيندا ۽ کارسر پهچي دورو ڪيو،دوري کي ميڊيا کان پري رکيو ويو،ٻي پاسي ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران ڪارونجھر بابت سجاڳي مھم ڪالھ 25 ھين ڏينهن به جاري رھي، اڳواڻن الھرکيو کوسو،رميش ڪارونجھري،ذوالفقار کوسو،ڳوٺاڻن پرتاب ڪولھي، شوجي ڪولھي، مانو ڪولھي ۽ ٻين سجاڳي مھم ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪارونجھر دفاعي مورچي سان گڏ اسان کي پيئڻ جو مٺو پاڻي به مھيا ڪري ٿو،ھتان جي مقامي آبادي ننگرپارڪر ۾ سنڌ حڪومت پاران ٺاھيل ڊيمن جي سيپيج ٿيل پاڻي مان زمينون آباد ڪري پنھنجو گذر سفر ڪن ٿا

  • اڄوڪي ٻڌڻي تي سمورين ڌرين جون نظرون

مٺي:ڪارونجهر ڪٽائي ڪيس بابت ننگرپارڪر جي عدالت ۾ ٿيندڙ اڄوڪي ٻُڌڻي سموريون نظرون کُتل آهن،ٿرواسين پاران عدالتي فيصلي جو انتظار ڪيو پيو وڃي،اڄوڪو عدالتي فيصلو انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي.

  • ڊي جي مائنز منرل جي ماني جو خرچ فيڪٽرين ادا ڪيو!

مٺي:ڊي جي منرل ۽ مائينز جي ماني چائناڪلي فيڪٽرين وٽان چندو ڪرائي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ انتهائي اهم ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته منرل ۽ مائنز کاتي ٿرپارڪر پاران گذريل ڏينهن دوري تي آيل ڊائريڪٽر جنرل منرل ۽ مائنز عمر فاروق بلو جي ماني به چائينا ڪلي جي فيڪيٽرين وٽان خرچ وٺي ٺهرائي وئي،مليل رپورٽن موجب ته چائنا ڪلي جي هر فيڪيٽري کان پنج پنج هزار اوڳاڙيا ويا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.