سينيئر صحافين خلاف مبينا غير اخلاقي ٻولي جي صحافين پاران مذمت

ڪراچي(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي وائرل ٿيل آڊيو ٽيپ ۾ سنيئر صحافين خلاف مبينا طور ڳالهايل غير اخلاقي ٻولي جي صحافي تنظيمن مذمت ڪئي آهي، ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز(ايمنڊ) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف يو جي) ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر پاران سخت مذمت ڪئي وئي آهي، ايمنڊ جو چوڻ آهي ته ناڪاري مقصدن لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽي يا اداري پاران ورڪنگ جرنلسٽ جي توهين کي رد ڪريون ٿا، ڪنهن شخص يا اداري کي ميڊيا هائوسز کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل ناهي، سي پي اين اي جو چوڻ آهي ته مبينا آڊيو ليڪ ۾ سياستدانن جي صحافين لاءِ ڳالهايل غير اخلاقي ٻولي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ جي پوشيدا آمراڻي سوچ کي پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، پي ايف يو جي جي صدر شهزاده ذوالفقار ۽ سيڪريٽري جنرل ناصر زيدي چيو آهي ته پرويز رشيد پنهنجي قيادت کي خوش ڪرڻ لاءِ صحافين خلاف ڪريل ٻولي ڳالهائي آهي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي ۽ سيڪريٽري جنرل رضوان ڀٽي به مذمت ڪئي آهي، صحافين جي نمائندا تنظيمن مريم نواز ۽ پرويز رشيد کان معذرت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.