ٻڌايو ته نواز شريف کي ڪير آڇ پيو ڪري: احسن اقبال

ڪراچي/ اسلام آباد ( رپورٽر/ م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ بل ملڪي سلامتي خلاف آهي، ملڪي خودمختياري تي سودو نه ڪنداسين. متحده اڳواڻن سان ملاقات ڪندي احسن اقبال چيو ته ٻارن جي کير کان وٺي هر شيءَ تي ٽئڪس آهي، ٽئڪسن جو وزن عوام تي آهي، متحده وارا به ان تي سوچين. هن نواز شريف سان ڊيل بابت سوال تي چيو ته اوهان ئي ٻڌايو ته نواز شريف کي ڪير آڇ پيو ڪري.  ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته هنن حڪومت نه جمهوريت کي سهارو ڏنو آهي، بجيٽ بابت خدشا حڪومت آڏو رکنداسين. هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پي  ٽي آءِ اهو نه ٻڌايو ته فنڊ ڪٿان آيا، ڪنهن موڪليا. شاهد خاقان چيو ته اڪبر ايس بابر جي بيان جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن سان به سهڪار نه ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.