نوازشريف سان ڊيل جا افواهه رد،اسٽيبلشمينٽ تي بحث نه ڪريو: فوجي ترجمان

راولپنڊي (اي پي پي+م ڊ) پاڪ فوج نوازشريف سان ڪنهن به ڊيل جي ترديد ڪري ڇڏي،پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪ فوج ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي خطرن کان پوريءَ ريت آگاهه آهي ۽ انهن جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڊيل جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ان کان پڇو ته ڪير ڊيل ڪري رهيو آهي، ڊيل جا ڪهڙا ثبوت آهن، ڪهڙا محرڪ آهن، اسٽيبلشمينٽ کي ان بحث کان ٻاهر رکو،اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد خطي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. لائن آف ڪنٽرول تي پورو سال امن رهيو، ايل او سي جي طرف آباديءَ جي حالتن ۾ بهتري آئي آهي، ڀارت اندروني طور تي مذهبي انتهاپسنديءَ جو شڪار آهي. هن چيو ته ڪنهن به هٿياربند گروهه کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ملڪ دشمن عنصر ناڪام مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، عوام، پاڪستان جي فوج ۽ ادارن وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، ڪُوڙي ۽ هٿٺوڪي پروپيگنڊا ذريعي ناپاڪ اِرادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن سمورن ناپاڪ ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته ڀارتي فوج قيادت طرفان پاڪستان خلاف ناڪاري ۽ ڪُوڙي پروپيگنڊا ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ- افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم 94 سيڪڙو، جڏهن ته پاڪ- ايران سرحد تي 71 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي. ڪنڊيدار تارون لڳائڻ ۾ اسان جي شهيدن جو رت شامل آهي، امن جي مقصد لاءِ مسئلا بردباري ۽ احتياط سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پاڪستان افغانستان ۾ مڪمل هم آهنگي ڏسي ٿو. 890 سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري دهشتگرديءَ جي 70 سيڪڙو واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي. دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ملوث مجرمن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي بينقاب ڪيو ويو. قبائلي علائقن مان 70 هزار کان وڌيڪ بارودي سرنگن کي تباهه ڪيو ويو، ان دوران سيڪيورٽي فورسز جا ڪيترائي جوان شهيد ۽ زخمي ٿيا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 2014ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع ۾ ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر رهي آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. سال 2014ع ۾ ڪراچي وائلڊ ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڇهين نمبر تي هو، هاڻي 129 نمبر تي اچي ويو آهي. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته 2021ع ۾ 248 آفيسرن ۽ جوانن دفاع لاءِ پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪيا، اسان انهن شهيدن جي وارثن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿاهن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت 78 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪيون ويون. دهشتگردن جي بيانيي کي اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ويو آهي، ان ۾ عالمن، ميڊيا ۽ عوام ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان معاشرو ترقي ڪندو آهي، طاقت جو استعمال رياست جو استحقاق آهي. هن چيو ته دفاعي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا. دفاعي پيداوار جي ادارن جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي،هن چيو ته سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. ان منصوبي کي وقت سر تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهي آهي. بلوچستان ۾ 199 ترقياتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته چئلينجز باوجود پوليو جي خاتمي واري مهم ڪاميابي سان جاري آهي، پوليو ورڪر کي ڀرپور تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي. پاڪ فوج ڪورونا تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، عوام ۽ ميڊيا به ڪورونا خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪورونا ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي. اين سي او سي طرفان جاري ڪيل هدايت جي تناظر ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل سان ئي ان وبا کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته جعلي خبرن ذريعي ادارن کي بدنام ڪرڻ جون ناڪام سازشون ڪيون ويون آهن، ائين ڪندڙ پهريان به ناڪام ٿيا ۽ اڳتي به ناڪام ئي ٿيندا. بعد ۾ صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته سول ملٽري ناتن ۾ ڪو مسئلو ناهي، ڪجهه عنصرن طرفان ملڪ جي مختلف ادارن خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، ملڪ دشمن عنصر ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، عوام، پاڪ فوج ۽ ادارن وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. انهن سرگرمين ۽ انهن جي تعلق کان آگاهه آهيون. هن چيو ته 2022ع پاڪستان جي آزاديءَ جي 75 سالن واري تقريب جو سال آهي، اسان کي پنهنجي ملڪ کي محفوظ ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ پنهنجو انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪو غير روايتي عدم توازن خطي لاءِ خطرناڪ آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج مڪمل تيار آهي ۽ هر خطري کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽي پي سان 9 ڊسمبر تي جنگبندي ختم ٿي چڪي آهي، ٽي ٽي پي خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي. ٽي ٽي پي جا اندروني اختلاف به آهن، جڏهن ته انهن سان ڪجهه شرطن تي ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته خطي ۾ اُڀرندڙ صورتحال جي تناظر ۾ قدم يقيني بڻائي رهيا آهيون. پنهنجي دفاعي ضرورتن کان آگاهه آهيون، ڀارت هٿيار خريد ڪندو آهي ۽ سرحد تي مقرر به ڪندو آهي، جنهن کان اسان پوريءَ طرح باخبر آهيون ۽ ان تناظر ۾ قدم به کنيا ويندا آهن. نواز شريف جي ملاقاتن ۽ ڊيل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڊيل جون ڳالهيون رڳو قياس آرائيون آهن، ڪا ڊيل ناهي ٿي رهي، اهي سڀ بي بنياد قياس آرائيون آهن، اهڙن سياسي مباحثن کان پاسو ڪندي تعليم ۽ انفراسٽرڪچر تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ چيف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا هر فورم تي افغان مسئلو اُٿاريو آهي. عالمي برادريءَ کي ان تڪرار جي حوالي سان گڏجي ڪري اڳيان وڌڻ گهرجي، جيڪڏهن افغانستان ۾ اها صورتحال رهي ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته دنيا ڪشمير مسئلي کي سنجيدگيءَ سان وٺي رهي آهي، پاڪستان هر فورم تي اثرائتي انداز ۾ ڪشمير مسئلو اجاگر ڪيو آهي، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ ان تڪرار کي سنجيدگيءَ سان ورتو پيو وڃي. پاڪ فوج مهانگائي جي تناظر ۾ گذريل 2 سالن ۾ بجيٽ اضافو ناهي ورتو. پاڪستان جي دفاعي بجيٽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، محدود وسيلن باوجود دفاعي صلاحيتن کي برقرار رکيو آهي. پاڪ فوج اندروني ۽ پرڏيهي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان ۾ داعش جو ڪوبه وجود ناهي. هن چيو ته بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪري انهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن ان کي بي بنياد قياس آرائي قرار ڏيندي چيو ته اهڙين قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي نڪتن تي عمل ڪيو آهي، اميد آهي ته پاڪستان جو نالو جلد گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو. مهانگائي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ فوج عوام سان گڏ آهي ۽ ان جو احساس آهي، لاڳاپيل فورم تي ضروري معاونت ۽ مشاورت فراهم ڪئي ويندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.