سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ذريعي 21 هزار ڀرتيون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  سنڌ حڪومت  کي 5 کان 15هين گريڊ تائين ڀرتيون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست تي21 هزار ڀرتين خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڀرتين لاءِ جاري ٿيل سرڪاري نوٽيفڪيشنز به ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪري ڇڏيو آهي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، اي جي سنڌ ۽ آءِ بـِي اي سکر، سيبا ٽيسٽنگ سروسز، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ آءِ بي اي ڪراچي کي نوٽيس  جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت ۾ درخواستگذار ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل پنهنجي وڪيل طارق منصور سان گڏ پيش ٿيو، جڏهن درخواستگذارن ۾ ايم پي ايز سيد هاشم رضا، غلام گيلاني، جاويد حينف خان ۽ وسيم الدين قريشي شامل آهن، درخواستگذار نويد جميل جي وڪيل جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار سال 2021ع جي جنوري ۽ فيبروري ۾ 2 نوٽيفڪيشنز جاري ڪندي آءِ بي اي ذريعي 21 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت سنڌ ۾ هزارين نوجوانن نوڪرين لاءِ آن لائين فارم ڀريا هئا، هن چيو ته پ پ جي تعصبي حڪومت شهري علائقن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، ايڊووڪيٽ طارق منصور چيو ته سکر آءِ بي اي کي ڀرتين کان روڪيو وڃي، ڇو ته آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ جي طريقيڪار کي چئلينج ڪيو ويو آهي، درخواست ۾وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 38 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتيون ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين مان محروم ڪيو پيو وڃي، طارق منصور ايڊووڪيٽ چيو ته نوٽيفڪيشن 3 جنوري 2021 ۽ 6 فيبروري 2021ع تي جاري ڪيا ويا، پنجين کان پندرهين گريڊ تائين خاموشي اختيار ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز کي ضابطن خلاف ٽيسٽنگ جو ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي، نئين طريقيڪار تحت نوڪريون آءِ بي اي ڪراچي بدران سکر آءِ بي اي مان هونديون آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.