مري ۾ داخل هڪ لک گاڏين مان عام ماڻهو جي خوشحالي ظاهر !

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مري ۾ هڪ لک جي لڳ ڀڳ گاڏيون داخل ٿي چڪيون آهن، هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جا ڪرايا وڌي ويا آهن، جاري ڪيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ملڪي سياحت ۾ واڌ عام ماڻهو جي خوشحالي ۽ آمدني ۾ واڌ کي ظاهر ڪري ٿي، هن چيو ته هڪ سال ۾ 100 وڏين ڪمپنين 929 ارب رپين جو نفعو ڪمايو آهي. ياد رهي ڪوهه مري، وادي تيراه ۽ ٻِين اترائين علائقن ۾ برفباري جاري آهي، مري ۾ هڪ فوٽ برف رڪارڊ ڪئي وئي،

  • لائن لاسز ۾ واڌ سٺي ڳالهه ناهي: پي اي سي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جو اجلاس اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين رانا تنوير حسين جي صدارت ۾ ٿيو، رانا تنوير حسين چيو ته  لائين لاسز جي رجحان ۾ اضافي جو عمل سٺي ڳالهه نه آهي، پاور ڊويزن واري سيڪريٽري سيد آصف شاهه چيو ته اسان کي سڀني ڊيسڪوز سان ويهي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، لائين لاسز کي 38 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 20 سيڪڙو تائين آڻي سگهجي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.