وزيراعظم سان صادق سنجراڻي ۽ عبدالقدوس بزنجو جي ملاقات

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقي ۽ صوبي ۾ تازي ٻوڏ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي متاثر آبادي جي بحالي سان گڏوگڏ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ موثر قدم کڻن. سينيٽ چيئرمين ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وزيراعظم جي بلوچستان جي ترقي ۾ گهري دلچسپي ۽ باقاعدگي سان پيروي ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.اي

  • بلاول پ پ  جي 11 ڳُجهن بئنڪ اڪائونٽس جو به جواب ڏي: فرخ حبيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول زرداري پيپلزپارٽي جي 11 ڳُجهن بئنڪ اڪائونٽس جو به جواب ڏي، پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس ۾ سموري رقم قانون موجب آئي آهي، ائين ڪٿي ثابت ناهي ٿيو ته اسان ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني يا ملڪي مفاد جي خلاف هلندڙ اداري کان ڪي فنڊز ورتا هجن، اسان وٽ اندرون ملڪ مان جمع ٿيندڙ 83 ڪروڙ جو به رڪارڊ موجود آهي، هن چيو ته  (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي چئلينج آهي ته اها اندرون ملڪ پارٽي کي فنڊ ڏيندڙ 4 ماڻهن جو رڪارڊ پيش ڪري، شاهد خاقان عباسي قوم کي گمراهه ڪرڻ کان پاسو ڪري، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ايس ايس اي ۽ يو ڪي ۾ لميٽيڊ ڪمپني طور رجسٽرڊ آهن، فضل الرحمان به تگڙو ٿي وڃي ليبيا ۽ ٻين ملڪن مان ورتل فنڊنگ جو حساب ڏيڻو پوندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.