عمران ٻڌائي ته 7 سال فنڊنگ ڪيس هلڻ ڇو نه ڏنو: مريم نواز

لاهور ( م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ٻڌائي ته فارين فنڊنگ ڪيس 7 سال طاقت ۽ زبردستي ذريعي هلڻ ڇو نه ڏنو.  وزيراعظم جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو ته عمران خان رپورٽ جي آجيان ڪري عوام کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته هي اهو دور ناهي، جو اوهان جيڪو ڳالهايو، عوام مڃي وٺي. مريم نواز چيو ته اوهان جو پول کلي ويا، تيار رهو، حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته عمران صادق ۽ امين لفظ جي توهين جو ذميوار آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.