ڊيل جي ڄاڻ ناهي، عمران ڪرپشن ۾ سڀني کان ڳرو آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد( م ڊ) مولانا فضل الرحمان چيو آھي ته نواز ليگ جي ڊيل بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي، رڳو ميڊيا تي ڊيل جا افواهه ٻڌي رهيا آهيون، حيرت آهي جو ميڊيا کي ڊيل جي خبر آهي، اسان کي خبر ڇو ناهي پئي؟. اسلام آباد ۾ مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻي ۾ پي ايس پي وفد سان ملاقات بعد ڳالهيون ڪيون. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي چڪو. اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ پي ٽي آءِ جو اڇو چٺو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي. ثابت ٿي ويو ته عمران خان اليڪشن ۾ ناجائز طريقي سان آيو آهي، اسان به ڪچيون گوريون نه کاڌيون آهن، ملڪي سياست ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار رکون ٿا هن چيو ته مريم ۽ پرويز رشيد جي لڪي آڊيو ڇو ڀري وئي. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ماڻهن ۽ تنظيمن پي ٽي آءِ جي مالي مدد  ڪئي ۽ ڪهڙا مقصد حاصل ڪيا.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.