عمران خان ڪرپشن خلاف نام نهاد مهم جي آڙ ۾ ملڪ لٽيو: بلاول

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان اسڪروٽني ڪميٽي پاران جاري ڪيل رپورٽ تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان کي ايماندار ثابت ڪري قوم مٿان مڙهيو ويو. اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ سندس چهري تان شرافت جو نقاب لاهي ڇڏيو آهي، هن چيو ته عمران خان سچ ڳالهائڻ جو حلف کڻي تحريڪ انصاف جا بئنڪ اڪائونٽس اليڪشن ڪميشن کان لڪايا. ڪروڙين روپيه ديده دليري سان خرد برد ڪندڙ سليڪٽڊ وزيراعظم ٻين کي ڪرپشن جا طعنا ڏيندو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ڪرپشن جي خلاف نام نهاد مهم جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪري ملڪ کي لٽيو آهي. اڄ تباهه حال ملڪ جي معيشت گواهه آهي ته تحريڪ انصاف جي سرڪار قومي ناڻي کي بيدردي سان لٽي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان کي زبردستي ايماندار ثابت ڪري قوم مٿان مڙهيو ويو. هاڻ حساب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. تحريڪ انصاف کي پنهنجي لڪايل اڪائونٽن جو حساب ڏيڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.