سنڌ ۾ ڀاڻ جي بدترين بحران خلاف جسقم جا مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي جسقم ضلعي صدر عزيز الرحمان شيخ، جساف ضلعي صدر طارق ڪورائي، راحب سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي جساف ضلـعي گھــوٽڪــي طرفــان جسقم مرڪزي سڏ تـي  ڀــاڻ جــي ھٿـرادو کـوٽ ۽ آبادگارن جــي معـاشـي قتل عـام خلاف جساف جـي رشـيد سنڌي ڪامريڊ نجيب فاروق ڪلھوڙو فيض کوسو وھاب سھتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سرحد مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ جسقم آريسر اڳواڻ وحيد سنڌي ڪامريڊ مجيب جيئي سنڌ محاذ خالق جوڻيجو گروپ جي وحيد اوڳاھي اساما سنڌي شمن سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سڪرنڊ ۾ جسقم جي مرڪزي ترجمان آصف رضا مگسي، مسعود شاھ، برڪت جلباڻي جي اڳواڻي ۾ جسقم ھائوس کان سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ماٿيلي ۾ ڪارڪنن ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو  ڪارڪنن کاڌ جي هٿرادو کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ،  عبدالمجيد مير بحر، ايس يو پي اڳواڻ اڪرم ميتلو، اصغر شيخ، ۽ٻين چيو ته ضلع انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو جاري آهي رتيديري ۾ آصف اوڍو ، سجاد خاصخيلي ، علي رضا ، اڪرم ڀٽي ، عبدالرحمٰن قريشي ۽ انصار چنو مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته ، انتظاميا۽ ڀاڻ ڊيلر مافيا جي ملي ڀڳت سبب هٿرادو ڀاڻ جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي ، ۽ يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي ، پر ضلعي توڙي تعلقي جي انتظاميه جي خاموشي مان ظاهر آهي ته انتظاميه ڊيلر مافيا سان ٻٽ بڻيل آهي، ٽنڊو محمد خان ۾ جيئي سنڌ  قومي محاذ ، پاران  زرعي ڀاڻ جي سخت کوٽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڪارڪنن پاران پريس ڪلب آڏو جسقم جي ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو ، جاويد هاليپوٽو ، گلشير ڪولاچي ، زوهيب جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي انهي موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ، ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ڀاڻ ڊيلرن زراعت کاتي جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري ھٿراڌو ڀاڻ جي سخت کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آھي ، ضلعي انتظاميه ڀاڻ ڊيلرن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري رهي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.