شميم ممتاز کان چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي چيئرپرسن جو عهدو واپس

ڪراچي(رپورٽر ) صوبائي وزير سان اختلاف، پ پ پ  ايم پي اي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي چيئرپرسن جي عھدي تان فارغ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ فنڊن جي معاملي تي ڪيترن ئي ڏينھن کان چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيئرپرسن ايم پي اي شميم ممتاز ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جي وزير ساجد جوکيو ۾ اختلاف ھلندڙ ھئا، ساجد جوکيو جي شڪايت تي ايم پي اي شميم ممتاز کان چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيئرپرسن جو عهدو واپس ورتو ويو آهي،  جنھن جو باقاعده نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

  • سليڪٽيڊ وزيراعظم صادق ۽ امين ناهي رهيو، استعيفا ڏي: اختيار ولي خان

پشاور(م ڊ) مسلم ليگ ن ڪي پي جي ترجمان اختيار ولي خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ اچڻ بعد سليڪٽيڊ وزيراعظم نه رهيو آهي، انڪري فوري طور تي استعيفا ڏي، پنهنجي بيان ۾ اختيار ولي چيو آهي ته پئسا ڇو لڪايا ويا؟ عمران خان کي جواب ڏيڻو پوندا. عمران خان کي اهو ٻڌائڻو پوندو ته اربين رپيا ڪهڙي مقصد لاءِ آيا ۽ فنڊ ڏيندڙ ڪير آهن؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.