ڪراچي ۾ جبري پورهيو وٺندڙ 42 ڄڻا گرفتار، ڪيترائي ٻار بازياب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ضلعي سينٽرل ۾ ايس پي انويسٽيگيشن شھلا قريشي جي صدارت هيٺ ٽريفڪنگ ان پرسن جي حوالي ٿيل اجلاس کانپوءِ ضلعي سينٽرل ۾ ٽريفڪنگ ان پرسن ڪارروائي ڪري 42 جوابدارن کي گرفتار ڪري سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتا آهن، عزيز آباد پوليس محمد شھباز ۽ محمد رحيم کي گرفتار ڪري ٻن ٻارڙن سلمان عمر ۽ قدرت الله کي بازياب ڪرائي ورتو، خواجه اجميري نگري پوليس جوابدار حارث کي گرفتار ڪري 10 سالن جي علي حسن کي بازياب ڪرائي ورتو، اهڙي طرح ٻين علائقن ۾ به ڪارروايون ڪري بازياب ڪرايل ٻارن کي والدين يا شيلٽر هوم منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.