ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪندڙ 2 ڊرائيور سوگها

ڪراچي(رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ڪارروائي ڪندي ڪراچيءَ يونيورسٽي ۾ جوڙن جون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهي کين بليڪ ميل ڪندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،  ايڊيشنل ڊائريڪٽر عمران رياض جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ فضل داد ۽ عدنان علي شامل آهن، جوابدارن ۾ هڪ پروفيسر جو ڊرائيور ۽ ٻيو رڪشا ڊرائيور آهي، جوابدار پارڪن، گاڏين سميت يونيورسٽيءَ جي مختلف هنڌن تي ويٺل جوڙن جون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهي کين بليڪ ميل ڪندا هئا ۽ ڀتو طلب ڪندا هئا يا وري ڇوڪرين کي پرائيويٽ جڳهه تي ملڻ جو چوندا هئا، پئسا نه ڏيڻ يا وري نه ملڻ جي صورت ۾ تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا، جوابدار هن وقت تائين 7 جوڙن کي بليڪ ميل ڪري چڪا آهن، جن مان فقط هڪ ڇوڪريءَ ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو آهي، ٻين ڇوڪرين بدنامي جي خوف سبب رابطو نه ڪيو، جوابدارن جا موبائيل فون ضبط ڪري فارنزڪ لاءِ اماڻيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ به جاري آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.