شهيد ڀٽي ملڪ کي متحد آئين ۽ايٽمي پروگرام ڏنو: مراد شاهه

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 94 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ تاريخي شخصيت هو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي متحد آئين ڏنو ۽ ان کي ايٽمي طاقت بڻايو. هن چيو ته پاڪستان لاءِ قائد عوام جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو ۽ سڄي حياتي ملڪ جي غريب عوام، هارين ۽ پورهيت طبقي جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.