شڪارپور۾مسواڙ نه ڏيڻ تان دڪاندارن ۽ انتطاميا۾ڇڪتاڻ، دڪانن کي تالا

شڪارپور ( ڊ . ر )  ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي انتظاميه طرفان ڪجھ مهينا اڳ ميونسپل جي دوڪانن جي مسواڙ 150 فيصد وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، ڪالھ ان سلسلي ۾ ڪرايو نه ڏيڻ تي ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي انتظاميه سي ايم او عابد لطيف راجپوت پوليس ساڻ ڪري ڪيترن ئي دوڪاندارن وٽ پهچي کين دوڪان بند ڪرائي تالا هڻائي ڇڏيا، هوڏانهن اهڙي عمل تي دوڪاندارن يونين جي اڳواڻ الطاف ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ ٻين دوڪاندارن پنهنجا دوڪان بند ڪري ڇڏيا، دوڪاندارن جو چوڻ هو ته ميونسپل انتظاميه طرفان 150 فيصد ڪرايو وڌائڻ خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي، ان جي باوجود ميونسپل انتظاميه پوليس ساڻ ڪري اسان جا دوڪان بند ڪرائي تالا هڻائي ڇڏيا آهن، ٻئي طرف ايم اين اي ۽ پ پ ضلع شڪارپور جو صدر مير عابد ڀيو، اڳوڻو ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين ايڊووڪيٽ عقيل عباس سومرو احتجاج ڪندڙ دوڪاندارن وٽ پهتا ۽ کين هنن کي يقين ڏياريو ته اوهان سان انصاف ٿيندو، هوڏانهن صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ ۽ ايم اين اي پيپلز پارٽي ضلع شڪارپور جو صدر مير عابد ڀيو نوٽيس وٺندي سي ايم او سان ڳالهيون ڪيون، جنهن کانپوءِ سي ايم او طرفان وڌيڪ ڪاروائي بند ڪري بند ڪرايل دوڪان دوڪاندارن کي کولڻ لاءِ چيو ۽ دوڪاندارن پنهنجا دوڪان پڻ کولي ڇڏيا، ٻئي طرف چيف ميونسپل آفيسر عابد لطيف راجپوت صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ميونسپل جي دوڪانن جي مسواڙ وڌائي وئي هئي جنهن تي 70 فيصد دوڪاندارن وڌايل مسواڙ پڻ ڏني آهي ۽ 30 فيصد رهيل دوڪاندارن مسواڙ نه ڏئي رهيا هئا جنهن ڪري انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آهي، صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ۽ ايم اين اي پيپلر پارٽي شڪارپور جي صدر مير عابد خان ڀيو جي حڪم تي ڪاروائي بند ڪئي وئي آهي، هن هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته عدالت ۾ هلندڙ ڪيس بابت ميونسپل انتظاميه کي ڪو به نوٽيس جاري ڪو نه ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.