جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ گرفتار ملزمه جي ضمانت واري درخواست رد

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ گرفتار ملزمه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس اسجد جاويد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بنچ ملزمه عائشه بي بي جي  ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌايو. ملزمه جيل مان آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ کان رجوع ڪيو هو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ملزمه جو ڪنهن به دهشتگردن سان تعلق نه آهي ۽ بي بنياد الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته ملزمه جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري آزادي جو حڪم ڏنو وڃي

  • ڀارت ڪشمير جي عوام جو آزاديءَ وارو جذبو نه کسي سگهيو آهي: محمد ميان سومرو

اسلام آباد(م ڊ) نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ ڄمون ڪشمير يوٿ فورم جي سربراهه محمد ميان سومرو چيو آهي ته 73 سال گذرڻ باوجود ڀارت طاقت جي زور تي والاريل ڪشمير جي عوام جو آزاديءَ وارو جذبو نه کسي سگهيو آهي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي بدترين مثال آهي، 5 جنوريءَ تي خوداراديت جو ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته گڏيل قومون ڄمون ڪشمير ۾ آزاد راءِ شماري واري ٺهراءُ تي عمل ڪرائي. واضح رهي ته والاريل ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميري 5 جنوري 1949ع تي گڏيل قومن ۾ پيش ڪيل تاريخي ٺهراءُ جي ياد ۾ يومِ حق خوداراديت ملهائي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.