عوامي آواز سوڀوديرو رپورٽر تي ڪيس جي ٻڌڻي، درخواست رد

سوڀو ديرو (ن ع آ) عوامي آواز سوڀوديرو جي رپورٽر اورنگزيب پيرزادو تي ۽ ان جي فيملي ميمبرن تي ڪوڙا ڪيس ڪندڙ ۽ شھر جي ڪيترن شريف شھرين کي ٺڳيندڙ ۽  رٽائرڊ استاد محمد ايوب پيرزادو کي ڪوڙا چيڪ ڏئي ٺڳيندڙ شھر جو مشھور ٺڳ  جوابدار شفيق شيخ جي ضمانت درخواست سول جج سوڀوديرو محترم ظفرالله جکراڻي جي عدالت فريادي جي نامياري  قانوندان ايڊوڪيٽ عبدالرحيم ڄامڙو ۽ جوابدار جي وڪيل ايڊوڪيٽ صفدر علي قناصرو جو دليل ٻڌڻ بعد ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي۔۔ياد رھي ڪجھ ڏينھن اڳ  پڪي ضمانت لاء جوابدار درخواست ھاء ڪورٽ سکر جي عدالت ۾ داخل ڪرائي ھئي جيڪا  پڻ ھاء ڪورٽ سکر رد ڪئي ھئي ان بعد جوابدار فرار ٿي ويو ھو۔ ان بعد سول جج سوڀوديرو محترم ظفرالله جکراڻي جي عدالت جوابدار خلاف گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ان بعد جوابدار جيل ڀيرو ٿيو ھيو۔ متاثررٽائرڊ استاد محمد ايوب  چيو ته  منھنجو  الله پاڪ ۽ عدالتن تي اعتماد آھي عدالت سڳوري مون سان انصاف ڪيو آھي ۽ مون کي عدالتن مان انصاف ملڻ جي اميد آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.