ڪڍڻ ۾ هلندڙ برسات باوجود آبادگارن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو

ڪڍڻ (رپورٽ:  بابو کوسو ) ڪڍڻ شديد سردي ۽ وسندڙ بارش ۾ ٽيل آبادگار ايسوسئشن بدين جي پاران اڄ ٽئين ڏينھن به ڪڍڻ شھر ۾ گل محمد گرگيز غفور چانڊيو راڻو راجپوت ڪوثر بجير وڪيو لنجار  روشن علي شاھ بابو کوسو احتجاجي مظاھرو ڪيو ھنن خطاب ڪندي چيو ته بليڪ مارڪيٽنگ جي حد ٿي ويئي آھي واپارين ايترو منافو ڪمايو آھي جو ھاڻي ھڪڙي ٻوري يوريا جي ڪمپني ريٽ تي وڪڻڻ لاء تيار ناھن ظلم جي حد ڪري ڇڏي اٿن سرڪاري ادارا مڪمل خاموش آھن يا کين منٿلي ملي رھي آھي منافي خور واپاري سڀ اخلاقيات جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن سرڪار ڄڻ وجود وڃائي ويٺي آھي جيستائين يوريا ڀاڻ ڪمپني ريٽ تي نه ملندو ان وقت تائين احتجاج جاري رھندو انشاء الله جلد ھاءِ ڪورٽ جو درکڙڪائبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.