سنڌ حڪومت ٿرپارڪر لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: ناصر حسين شاهه

ٿرپارڪر/مٺي(ن ع آ) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته  سنڌ حڪومت ٿرپارڪر جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. صوبائي وزير هڪ ڏينهن جي دؤري تي مٺي پهتو، ملاڻي هائوس مٺي ۾ بلديات کاتي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي آفيسرن سان اجلاس ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ بابت درپيش مسئلن بابت آگاهي ورتي. صوبائي وزير لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جي سختيءَ سان هدايت ڪندي چيو ته پاڻي زندگي آهي ۽ سنڌ حڪومت ٿرپارڪر جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي جي بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ٿرپارڪر ۾ بند پيل آر او پلانٽس کي فعال بنائڻ لاءِ هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي،

  • ڪشميري پنهنجي خوداراديت واري حق تان هٿ نه کڻندا: علي رضا سيد

برسلز(م ڊ) ڪشمير ڪائونسل اي يو جي چيئرمين علي رضا سيد چيو آهي ته ڪشميري پنهنجي خوداراديت واري حق تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن 5 جنوريءَ تي ملهائي ويندڙ يومِ خوداراديت جي حوالي سان برسلز ۾ ڪشمير ڪائونسل اي يو جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته گڏيل قومن جو 5 جنوري تي پيش ڪيل ٺهراءُ ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل لاءِ آهي، جڏهن ته ڀارت جي ناڪاري رويي سبب ان ٺهراءُ تي هن وقت تائين عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اڄ ڏينهن تائين پنهنجي ٺهراءُ تي عملدرآمد نه ڪرائي سگهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.