داد لغاري لڳ مرحوم احمد علي خان پتافي کي وڇڙي چار سال ٿي ويا

دادلغاري( ن ع آ ) ضلعي گهوٽڪي جي بهادر شخصيت احمدعلي خان پتافي جي وڇوڙي کي چار سال گذري ويا، سندس جي چوٿين ورسي تي مرحوم جي فرزندن ايس پي عبدا لقيوم خان پتافي صوبائي وزير عبدالباري خان ميرهالار خان پتافي ۽ ٻين پنهنجا بابا کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ آباڻي شهر ڪينجهر پتافي ۾ ٻن ڏينهن جي فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ملهائي پئي وڃي ميڊيڪل ڪيمپ جي افتتاح صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي ايس پي عبدالقيوم خان پتافي مير شهريار خان شر ۽ ٻين ڪئي فري ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مختلف بيمارين جا 50 کان وڌيڪ ڊاڪٽر  پهچي مسڪين ماڻهن جو علاج ڪري فري دوائون ڏنيون ڪيمپ تي ڪرونا وئڪسين سان گڏ هيپٽائيٽس بي سي جون ٽيسٽون به مفت ڪيون ويون,ان موقعي تي صوبائي وزيرعبدالباري خان پتافي صحافين کي ٻڌايو ته پنج جنوري تي اسان کان بابا احمدعلي خان پتافي وڇڙي ويو بابا جي روح کي آيثال ثواب پهچائڻ لاءِ غريب مسڪين ماڻهن لاءِ ميڊيڪل جي ڪئمپ لڳرائنيدا (اڄ) تائين جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.