ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، چورين سبب ڀاڳيا راتيون جاڳڻ تي مجبور

ڀرياسٽي ( رپورٽ: مجيد ڪيريو ) ڀريا روڊ ۾ رات دير سان چورن ڀرياروڊ جي اھلحديث مسجد ويجهو حافظ عبدالرحمن آرائين جي ڪريانا جي دڪان جي ڇت توڙي ڪيش رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرر ٿي ويا. ڳوٺ ساجن ڪوٽ ڌوئنرو مان جاني سانول جي گهر مان نئي موٽر سائيڪل ڪاهي ويا.  ڳوٺ مبارڪ لاکو مان فاروق جي گهر مان ڍڳي ۽ ھڪ ٻڪري چوري ۽ ڳوٺ جمال خان مري مان چور گهر اندر داخل ٿي لکين روپين جو قيمتي سامان ٻھاري ويا ان کان علاوا شھر جي گلبرگ ڪالوني ۾ سماجي اڳواڻ عاشق غوري جي دڪان جا تالا توڙي  4 لک کان وڌيڪ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي پاسي پوليس جي خاموشي ۽ وڌندڙ وارداتن خلاف متاثرن سماجي اڳواڻن ۽ سجاگ سماجي تنظيم چي چيئرمين لالا مجاھد اعجاز پٺاڻ، عبداللطيف آرائين، حافظ عبدالرحمن ، مولانا شفيق الرحمان ۽ ٻين چيو ته علائقي ۾ مسلسل چورين ۾ اضافو ٿي رھيو آهي ۽ پوليس اگھور ننڊ ستل آهي، انهن چيو ته ھڪ مھيني جي وڌيڪ عرصي کان ڀرياروڊ ٿاڻي تي ايس ايچ او مقرر ناھي ٿيو.  ٻن ڏينهن اندر چوري ٿيل سامان واپس ۽ جوابدارن جو پتو لڳائي گرفتار نه ڪيو ويو ته شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.